شينزن – 05 – جو?? (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن تحت سي پيڪ ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي رهي آهي، شينزن ۾ ??زن?? ٽو ??زن?? ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ ڀرپور ڪردا?? ادا ڪنديون. اها ڳالهه هن صحافين سان ڳالهائيندي ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ جي اندر هڪ نئين جدت کڻي آيو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ لاڳاپا هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي رهيا آهن جيڪو پاڪستاني معيشت جي لاءِ اهم سنگ ميل آهي. هن چيو ته شينزن ۾ ??زن?? ٽو ??زن?? ڪانفرنس ۾ 500 کان وڌيڪ پاڪستاني ۽ شينزن جي ڪا??وباري شخصيتن شرڪت ڪئي، ??زن?? ٽو ??زن?? ملاقاتون ۽ ڪانفرنس پاڪستان جي معيشت جي استحڪام ۽ ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردا?? ادا ڪنديون. هن ٻڌايو ته هتي موبائيل فون مينوفيڪچرنگ پلانٽ جي اونر سان پڻ ملاقات ٿي آهي، سندس فيڪٽري پاڪستان ۾ ڪم ڪري رهي آهي، اهي پاڪستان مان ايڪسپورٽ ڪندا جڏهن ته اليڪٽرانڪ وهيڪلز جي حوالي سان پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف بيجنگ ۾ چيني قيادت سان پڻ ملاقات ڪندو، انشاءَ الله انهن قدمن سان پاڪستان ترقي ڪندو.