اسلام آباد-05 جولاءِ(اي پي پي) مشهور براڊ ڪاسٽر،ليکڪ ۽ هدايت ڪار آغا ناصر جي ورسي 12 جولاءِ تي ملهائي ويندي،09 فيبروري 1937 ۾ ميرٺ جي فريد نگر واري علائقي ۾ پيدا ٿيل هدايتڪار آغا ناصر بي اي جو امتحان سنڌ مسلم ڪاليج مان پاس ڪيو ۽ تاريخ ۾ ايم اي جي ڊگري ڪراچي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي، هن پنهنجي ڪيريئر جي ??روعات 1955 ۾ ريڊيو پاڪستان ۾ براڊ ڪاسٽر جي ??يثيت سان ڪئي ۽ بعد ۾ اداري جو ڊائريڪٽر جنرل پڻ رهيو. 1954 ۾ پي ٽي وي سان لاڳاپيل رهيو جتي هن هدايتڪار ۽ پروڊيوسر طور ڪم ڪيو،جڏهن ته آغا ناصر ڪجهه عرصي لاءِ پاڪستان ٽيليويزن جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طور پڻ خدمتون سر انجام ڏنيون.هن فلمن جي پڻ هدايتڪاري ڪ??ي،??غا ناصر هڪ بهترين ليکڪ پڻ هو،هن ڇهه ڪتاب پڻ لکيا ۽ سندس لکيل ڪتابن کي تمام گهڻي پذيرائي ملي،آغا ناصر ريڊيو پاڪستان ۾ اسٽوڊيو نمبر 9 ۽ حامد ميان ڪي يهان جڏهن ته پي ٽي وي ۾ الف نون ،تعليم بالغان جهڙا شاهڪار ڊ??اما پڻ لکيا،سندس ڪريئر ۾ 1970 جون عام چونڊون سڌي ريت نشر ٿيڻ هڪ اهم سنگ ميل جي ??يثيت رکن ٿيون،مرحوم کي سندسن خدمتن جي مڃتا طور پرائيڊ آف پرفارمنس پڻ ڏنو ويو.آغا ناصر 12 جولاءِ 2016 ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس ورسي جي موقعي تي علمي ۽ ادبي حلقن ۽ شو بز انڊسٽري جي ??نتظام هيٺ مختلف تقريبون منعقد ڪيون وينديون جن ۾ هن کي فن جي ??نيا لاءِ ڪيل خدمتن تي خراج تحسين پيش ڪيو ويندو.