لاهور-26جولاءِ (اي پي پي) پنجاب جي سينيئر وزير مريم اونگزيب پي ٽي آءِ جي بک هڙتال کي” ڊائٽ پلان “ قرار ڏنو آهي. جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته منجهند جو 3 وڳي ??ان شام جو 7 وڳي تائين جي بک هڙتال ”ڊائٽ پلان “ آهي، منجهند جي ماني کا??ڻ کان پوءِ رات جي ماني ??ان اڳ تائين جاري رهندڙ بک هڙتال هڪ مزاق آهي. هن چيو ته 9 مئي جي ڏوهارين لاءِ چئن ڪلاڪن جو ڊائٽ پلان ئي فالو ڪري سگهجي ٿو.هن وڌيڪ چيو ته قومي ٺڪاڻن، شهيدن جي يادگارن جي بيحرمتي، قائد اعظ?? جي گهر کي ساڙڻ، پوليس ۽ رينجرز تي تشدد ڪرڻ جو اعتر??ف ڪندڙ سزا جا مستحق آهن.