ڪراچي-02 آگسٽ (اي پي پي) ترڪيه جي بحريه جو جهاز ڪنالياڊا پاڪستان جي خير سگالي واري د??ري جي تڪميل کانپوءِ پاڪ بحريه ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهازن ع??بي سمنڊ جي اتر ۾ گڏيل پيٽرولنگ ۽ سامونڊي مشقون ڪيون. پاڪ بحريه طرفان جاري بيان موجب انهن مشقن ۾ مختلف سامونڊي آپريشنز سميت غير روايتي خطرن خلاف دفاع، Visit Board Search & Seizure (VBSS) ۽ ايئر ڊفينس مشقون شامل هيون، جن جو مقصد پيشيوراڻي مهارت کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪ جي سامونڊي فوج وچ ۾ گڏيل تعاون کي وڌائڻ آهي ان کان اڳ دوري د??ران ترڪ جي بحريه جي چيف آف اسٽاف وائيس ايڊمرل ابراهيم اوزديم جي اڳواڻي ۾ ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪ بحريه جي فيلڊ ڪمانڊرز ۽ ٻين عهديدارن سان ملاقاتون ڪيون جن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ وڌيڪ تعاون جي موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ترڪيه جي بحريه جي وفد پاڪستان جي باني کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ قائد اعظم محمد علي جناح جي مزار تي گ??ن جي چادر چاڙهي. پاڪستان ۽ ترڪيه وچ ۾ تاريخي طور تي گ??را ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ترڪيه جي بحريه جي جهاز جو پاڪستان جو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط ٻطرفن لاڳاپن جو اهڃاڻ آهي، هاڻوڪو دورو ٻنهي ملڪن وچ ۾ تعاون کي عام طور ۽ ٻنهي ملڪن جي سامونڊي فوج وچ ۾ سهڪار کي خاص طور تي هٿي ڏيندو.