ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ??لو??ستان ۾ نادرا جي 21 نئي?? رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ??لو??ستان اسيمبلي جو اسپيڪر ڪيپٽن (ر) عبدالخالق اچڪزئي، صوبائي وزير، اسيمبلي ميمبر، صلاحڪار ۽ چيف سيڪريٽري ??لو??ستان شڪيل قادر خان سميت ٻيا پڻ موجود هئا. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار ??لو??ستان جي وڏي وزير مير سرفراز احمد بگٽي سان گڏ ڪوئيٽا ۾ صوبي ۾ نادرا جي 21 نئي?? رجسٽريشن سينٽرز ۽ 6 نئين موبائيل رجسٽريشن وهيڪلز جو افتتاح ڪيو. هن وفاقي ادارن جي لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته حڪومتي ادارا ??لو??ستان جي ڏورانهن علائقن ۾ خدمتن جي آسان فراهمي جي لاءِ صوبائي حڪومت سان مڪمل تعاون ڪن ته جيئن عو??م کي درپيش مشڪلاتن ۽ مسئلن ۾ گهٽتائي ٿئي، وفاقي حڪومت عو??م جي مسئلن جي حل تي يقين رکي ٿي. نائب وزيراعظم صوبي ۾ نادرا جي نئي?? رجسٽريشن سينٽرز ۽ ايم آر ويز جي فراهمي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ??لو??ستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽي چيو ته ??لو??ستان جي ڏورانهن علائقن جي 21 تعلقن ۾ نئي?? رجسٽريشن مرڪزن جي قيام سان عو??م کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، انهن کي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي لاءِ مشڪلاتون درپيش هيون. هن چيو ته نئي?? رجسٽريشن مرڪزن ۽ موبائيل وهيڪلز سان عو??م خاص طور تي وڏي عمر جي ماڻهن ۽ عو??تن کي گهر جي درن تي رجسٽريشن ۽ سڃاڻپ ڪارڊ حاصل ڪرڻ جي سهولت ملندي.