اسلام آباد -19 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اي??ز صادق 19 آگسٽ 2014ع تي پارليامينٽ جو گهيراءُ ڪرڻ کي جمهوريت خلاف هڪ سازش قرارڏيندي چيو آهي، ته ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پارليامينٽ جي عزت ۽ توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لا??م آهي. گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارليامينٽ تي حملي جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 19 آگسٽ 2014ع جو ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪاري ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. 10 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن پارليامينٽ هائوس جو گهيراءُ ۽ ان تي حملو ڪيو ويو. اها جمهوريت خلاف ساز?? هئي، ان حملي جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. اسپيڪر چيو ته پارليامينٽ ملڪ جو اعليٰ ترين ادارو، جمهوريت جو بنياد ۽ عوامي خواهشن جو ترجمان آهي. ملڪ جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي پارليامينٽ جي مضبوطي سان جڙيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ جي عزت، توقير ۽ حفاظت اسان سڀني تي لا??م آهي. هن چيو ته 19 آگسٽ 2014ع تي ڏڦيڙ پکيڙيندڙ عنصرن پارليامينٽ تي حملو ڪري ان جو تقدس پائمال ڪيو، ڪنهن کي به اهڙن قد??ن جي اجازت نه ٿي ڏئي سگهجي، اهو حملو نه رڳو جمهوريت پر رياست جي بنيادي ٿنڀن تي حملو هو. اسپيڪر ان وقت جي حڪومت ۽ پارليامينٽ جي دفاع لاءِ آواز اٿاريندڙ سياسي پارٽي?? جي ڪردار کي به ساراهيو ۽ چيو ته 2014ع جي پرتشدد مظاهرن سڄي دنيا ۾ پاڪستا?? جي سڃاڻپ کي نقصان پهچايو ۽ ان سبب چي?? جي صدر کي پنهنجو طئي ٿيل دورو ملتوي ڪرڻو پيو. سردار اي??ز صادق چيو ته ملڪي مسئلن کي حل ڪرڻ جو واحد رستو جمهوريت ۽ پارليامينٽ سان لاڳاپيل آهي. هن چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مستحڪم ڪرڻ جي هميشه ڪوشش ڪندو رهندس، عوام جي ڀلائي پهرين ترجيح آهي ۽ پارليامينٽ اهو فرض ادا ڪرڻ لاءِپرع??م آهي.