لاڙڪاڻو-21 آگسٽ (اي پي پي) لاڙڪاڻو کان ايران ويندڙ زائرين جي ??وچ سان ايران جي شهر يزد ۾ خوفناڪ حادثو پيش اچڻ سبب 31 کان وڌيڪ زائرين شهيد ۽ 20 کان وڌيڪ سخت زخمي ٿي پيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي سنڌ صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪر?? جي هدايت ڪئي آهي. لاڙڪاڻي کان سيد اطهر شاهه شمسي جي اڳواڻيءَ ۾ نڪتل زائرين جي ??وچ ايران جي شهر يزد ۾ بريڪ فيل ٿي?? جي نتيجي ۾ ڪلٽي ٿي پئي. شروعاتي ڄاڻ موجب ??وچ ۾ 55 ڄڻن ??ميت ڊرائيور ۽ ڪنڊڪٽر سوار هئا. حادثي جي نتيجي ۾ 31 کان وڌيڪ زائرين موقعي تي ئي دم ڏنو. جڏهن ته 20 کان وڌيڪ زائرين سخت زخمي ٿي پيا آهن جن مان ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ايراني انتظاميه جي ايمرجنسي ريسڪيو ٽيم موقعي واري هنڌ پهچي لاشن ۽ زخمين کي ??وچ هيٺيان ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو جتي فوتين ۽ زخمين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ٻئي پاسي ٰ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايران ۾ پاڪستاني زائرين جي ??وچ سان ٿيل حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ روڊ حادثي جي نتيجي ۾ ٿيل جاني نقصان تي انتهائي افسوس ٿيو آهي، ايران روڊ حادثي ۾ شهيدن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيان ٿو. ان کان اڳ حادثي بابت وزيراعليٰ سنڌ کي آگاهي ڏني وئي ته لاڙڪاڻو کان 50 کان 55 زائرين جي بس کي ايران جي شهر يزد ۾ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي سنڌ جي وڏي وزير صوبائي وزير ناصر شاهه کي ايران ۾ متاثر خاندانن جي مدد لاءِ ڪراچي ۾ ايران جي قونصل جنرل سان رابطي ڪرڻ ۽ حادثي ۾ فوت ٿي ويل جا لاش آڻڻ جا انتظام ڪر?? جي هدايت ڪئي. جڏهن ته سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيف سيڪريٽري کي پرڏيهي وزارت سان رابطي ۽ پرڏيهي وزارت سان لاشن جي واپسي لاءِ قدم کڻ?? جي هدايت ڪندي چيو آهي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن، واپسي لاءِ سفري سهولتن جو بندوبست ڪيو وڃي.