اسلام آباد – 21 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان جي پرڏيهي وزارت پنهنجي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ کي فعال ڪندي ايران جي شهر يزد ۾ پاڪستاني زائرين جي افسوسناڪ روڊ حادثي بابت ڄاڻ وٺن لاءِ آفيسرن جا نمبر جاري ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جو (لينڊ لائين) ٽيليفون نمبر 9207887 – 051 ۽ اي ميل: cmu1mofa.gov.pk آهي. بيان موجب ڪراچي ۾ پرڏيهي معاملن جي رابطا آفيس ۾ شڪيل احمد ??يل نمبر 9310095 – 0300، سيد شعيب حسين ??يل نمبر 7556633 – 0332 ?? مظهر علي ??يل نمبر 8957541 – 0313 سان رابطو ڪري سگهجي ٿو.