پشاور -26 آگسٽ (اي پي پي) قبائلي ضلعي اتر وزيرستان جي تعلقي رزمڪ بازار ۾ گذريل ڏينهن ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 4 ماڻهو فوت ۽ 18 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس ۽ ضلعي انتظاميه ڌماڪي جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن رزمڪ بازار ۾ موٽر سائيڪل ۾ رکيل ڌماڪيدار مواد ڦاٽي پيو جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو ٿڏي تي فوت ٿي ويا ۽ 18 زخمي ٿي پيا.زخمين کي ويجهين اسپتالن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي جتي ايمرجنسي ل??ائي وئي آهي. ڪمشنر بنون ??ابد پرويز ڌماڪي ۽ فوتين جي تصديق ڪندي رزمڪ اسپتال انتظاميه کي زخمين کي علاج جون بهترين سه??لتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.