لنڊن-08 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب و??ير??عظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار لنڊن ۾ پاڪستان هائوس ۾ هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل طرفان ڏنل رات جي ماني جي دعوت ۾ پاڪست??ن ڄاون برطانوي پارليامينٽينرينز سان تفصيلي ۽ جامع ڳالهه ٻولهه ڪئي. دعوت ۾ هائوس آف ڪامنز جي ڊپ??ي اسپيڪر نصرت غني، ياسمين قريشي (ايم پي)، لارڊ قربان حسين، نوشين مبارڪ، لارڊ ضمير چوڌري، سعيده وارثي، شائسته گوهر، محمد افضل خان (ايم پي)، نسيم شاهه (ايم پي)، عمران حسين (ايم پي)، طاهر علي (ايم پي)، زبير احمد (ايم پي)، عدنان حسين (ايم پي)، محمد ياسين (ايم پي) ۽ ايوب خان (ايم پي) شرڪت ڪئي. پنهنجي شروعاتي خطاب ۾ نائب و??ير??عظم نَون چونڊيل برطانوي پاڪستاني پارليامينٽ ميمبرن کي مبارڪ ڏني ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان ۽ برطانيه جا لاڳاپا تاريخ، ثقافت، امن، سلامتي ۽ ترقيءَ لاءِ گڏيل اُمنگن جي مضبوط رابطن تي قائم آهن. تازين چونڊن ۾ پاڪستان سان تعلق رکندڙ 15 ميمبر برطانوي پارليامينٽ جي لاءِ چونڊيا ويا جيڪا برطانوي جمهوريت جي مضبوطي ۽ پاڪست??ن ڄاون برطانوي شهرين جي ڪاميابيءَ جو ثبوت آهي. هن پارليامينٽ جي ميمبرن کي پاڪستان جي معاشي بحاليءَ لاءِ پنهنجي حڪومت جي روڊ ميپ بابت آگاهه ڪيو. هن چيو ته 2013ع کان 2017ع تائين اڳوڻي و??ير??عظم محمد نواز شريف جي حڪومت دوران پاڪستان دنيا جي 24هين وڏي معيشت بڻجي ويو هو ۽ ان جو جي-20 ميمبر بڻجڻ جو امڪان هو، دهشتگرديءَ جهڙي لعنت تي پڻ ضابطو آندو ويو هو، پر 2018ع ۾ شروع ٿيل سياسي عدم استحڪام پاڪستان جي اقتصادي رفتار کي پٽڙيءَ تان لاهي ڇڏيو هو. جڏهن ته گذريل حڪومت جي تحريڪ طالبان جهڙن انتهاپسند گروهن کي خوش ڪرڻ ۽ ان جي بحاليءَ جي پاليسي ۽ 100 کان وڌيڪ خطرناڪ دهشتگرد ڏوهارين جي آزادي، دهشتگرديءَ جي بحاليءَ جو سبب بڻي. هن چيو ته حڪومت ڪنهن به اندروني يا پرڏيهي عنصرن کي جيڪي سياسي عدم استحڪام کي هٿي ڏيڻ جي اِرادي سان پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحاليءَ جي سفر کي راهه تان لاهڻ چاهن ٿا، انهن کي هرگز اها اجازت نه ڏيندي. هن چيو ته جن ماڻهن رياستي ادارن تي حملو ڪيو ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ عالمي فورمز کي استعمال ڪيو آهي انهن سان ڳالهين جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي. هن چيو ته حڪومت ان سلسلي ۾ ڪنهن به دٻاءَ ۾ نه ايندي. نائب و??ير??عظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته حڪومت پاڪستان کي اقتصادي ترقيءَ جي راهه تي واپس آڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. هاڻوڪي حڪومت جي مشڪل ۽ سياسي طور تي غير مقبول قدمن جا ثمر اچڻ شروع ٿيا آهن، مهانگائيءَ کي سنگل ڊجٽس تائين گهٽ ڪيو ويو هو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي مستحڪم ڪرنسي سان ڪنٽرول ڪيو ويو آهي. معاشي سڌارن لاءِ هر پاسي کان ادارن جي سطح تي حمايت موجود آهي ۽ حڪومت طرفان گذريل سال قائم ??يل خاص سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل پاڪستان جي توانائي، کاڻيون کوٽڻ، آءِ ٽي ۽ زراعت جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي نمايان دلچسپي ڇڪرائي رهي آهي. ڊپٽي و??ير??عظم پارليامينٽ ميمبرن کان تجويزون طلب ڪيون ته حڪومت ڪهڙيءَ طرح پاڪستان ۾ سڌيءَ ريت برطانوي پرڏيهي سيڙپڪاريءَ کي راغب ڪري سگهي ٿي ۽ ٻه طرفي واپار ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي. نائب و??ير??عظم چيو ته پاڪستان حڪومت پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي پاڪستان اچڻ جي ترغيب ڏيڻ لاءِ هڪ نئين ويزا فري پاليسي متعارف ڪرائي آهي. نائب و??ير??عظم هندستان جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۽ غزه جي ماڻهن تي ٿيندڙ ظلمن جو معاملو اُٿارڻ تي برطانوي پارليامينٽرينز جو ٿورو مڃيو.