اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آھي ته اسان کي صحتمند?? ھنرمند، تعليم يافته قوم پيدا ڪرڻي آھي، قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. انهن خيالن جو اظھار ھن اربع ڏينھن آبادي بابت پارلياماني فورم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ھن چيو ته سمورين سياسي پارٽين کي ھڪ ھنڌ گڏ ڪيو ويو آھي. قومي مسئلن جي حل لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گڏ ٿيڻو پوندو. اسان کي قومي ايجنڊه تي گڏجي ڳالھائڻو پوندو ۽ حل ڳولڻو پوندو. اڄ جو دور جدت جو دور آھي. احسن اقبال چيو ته افرادي سگھه بجائي ڪوالٽي جي ڳالھه ڪئي پئي وڃي، صرف آبادي جي نه بھتر صلاحتين جي پڻ ضر??رت آھي، پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جي شرح گھٽجي رھي ھئي پر وري اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي. 2017ع کان اھا شرح 2.4 سيڪڙو ھئي ۽ ھاڻ 2.5 سيڪڙو کان وڌيڪ ??ھي. اھا قومي ترقي ۽ قومي مفاد لاءِ ھڪ چيلنج آھي. اسان کي پاڻي جي کوٽ کي به منھن ڏڻو پيو پوي. ھن چيو ته اسان کي صحتمند?? ھنر مند، تعليم يافته قوم پيدا ڪرڻي آھي. آبادي جي وسيلن سان برابري ضر??ري آھي. قومي صحت ايمرجنسي جي ضر??رت آھي. وفاق ۽ صوبن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. اڍائي ڪروڙ ٻار اس??ولن کان ٻاھر آھن. خواندگي جي شرح 60 سيڪڙو آھي جڏھن ته ترقي لاءِ اھا شرح 90 سيڪڙو ھجڻ گھرجي. تعيلم جي شعبي ۾ وڏي ڪم جي ضر??رت آھي ۽ تعليم ۾ سڌارن جي ضر??رت آھي. احسن اقبال چيو ته دنيا ۾ ماءُ جي تعليم ۽ ٻارن جي پيدائش ۾ تناسب ٿيندو آھي ۽ ٽڪنيڪي شعبن کي بھتر بڻائڻو پوندو.