اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي آهي ته اها فوتي ملازم جي ??ٽ جي ??قرري هڪ مهيني جي اندر قانون موجب ڪري. ايوان صدر جي ??ريس ونگ موجب فهيم احمد (شڪايت ڪندڙ) پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي خلاف ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري نه ڪرڻ جي شڪايت ڪئي هئي. درخواستگذار موجب سندس والد پي سي اي اي جو ملازم هو ۽ سندس لاڏاڻو سروس دوران 1999ع ۾ ڪينسر سبب ٿيو. جيئن ته ه?? ان وقت نابالغ هو، ان لاءِ هو ”فوتي ملازم“ ڪوٽا تي مقرري جي ??اءِ اهل نه ه??. جڏهن عمر پوري ٿيڻ تي نوڪري جي ??اءِ درخواست ڏني ته بنا ڪنهن جواز جي سندس درخواست کي رد ڪيو ويو. درخواستگذار پنهنجي شڪايت جي ازالي جي ??اءِ پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي سان رجوع ڪيو پر اتي به دادرسيءَ نه ٿي سگهي. جنهن کانپوءِ پريشاني ۾ پنهنجي شڪايت جي حل لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو. محتسب فيصلو ڪيو ته شڪايت ڪندڙ پي سي اي اي جي خلاف بدانتظامي جو ڪو ڪيس ٺاهڻ ۾ ناڪام رهيو آهي ڇو ته ان جي درخواست جي ??قت فيملي اسسٽنس پئڪيج لاڳو نه ه??. ان کانپوءِ شڪايت ڪندڙ صدر وٽ محتسب جي حڪم جي خلاف درخواست داخل ڪئي. پنهنجي ??يصلي ۾ صدر چيو ته شڪايت ڪندڙ جي ??الد جو مدو ملازمت دوران 1999ع ۾ ختم ٿي ويو ۽ ان وقت درخواستگذار جي عمر رڳو 6 سال هئي. 2005ع جي ??اليسي تحت عمر پوري ٿيڻ کانپوءِ مقرري جي ??اءِ درخواست ڏني هئي، جنهن موجب فوتي ملازم جي ??ٽ کي اشتهار جي رسمي ڪارروائي مان گذرڻ کانسواءِ انهي اداري ۾ مقرري جي ??اءِ غور ڪرڻ گهرجي ??ا. صدر پي سي اي اي جي ان دعويٰ کي رد ڪري ڇڏيو ته ه?? 2005ع ۾ فيملي اسسٽنس پئڪيج جي ??اليسي اختيار ڪئي هئي ۽ ??ور?? ڪيس ۾ حقيقتن ۽ قانوني پوزيشن جي ڪري ڄاڻايل پئڪيج جون شقون قابل غور نه ه??ون. صدر نشاندهي ڪئي ته سول ايوي ايشن اٿارٽي جي دعويٰ موجوده ڪيس جي حالتن ۾ قانوني طور تي صحيح نه آهي ڇو ته درخواستگذار سرڪاري نوڪري جي ??اءِ عمر جي حد مڪمل ڪرڻ کان اڳ مقرر ٿيڻ جو اهل نه ه??. هن چيو ته اها پاليسي جي ??مڪن لاڳو جو معاملو آهي نه ڪي پاليسي جي اڳوڻي لاڳو جو معاملو آهي. صدر سول اپيل نمبر 410/2020 تاريخ 02-06-2021 ?? سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ??يصلي تي پڻ ڀاڙيو. تنهن ڪري صدر شڪايت ڪندڙ جي درخواست منظور ڪندي سول ايوي ايشن اٿارٽي کي هدايت ڪئي ته ه?? هڪ مهيني جي اندر قانون موجب مقرري جي ??اءِ ان جي درخواست تي ڪارروائي ڪري.