اسلام آباد-06 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري آچر ڏينهن فيصل آباد ۾ شهيد ليفٽي??نٽ ڪرنل محمد علي جي رهائش گاهه تي ويو ۽ شهيد جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري ڪيل بيان مطابق صدر مملڪت شهيد ليفٽي??نٽ ڪرنل محمد علي جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ شهيد ل??ءِ فاتحه خواني ۽ بلند درجن ل??ءِ دعا ڪئي. ليفٽي??نٽ ڪرنل محمد علي گذريل ڏينهن اتر وزيرستا?? ۾ ??هشتگردن خلاف وڙهندي شهيد ٿي ويو هو. صدر مملڪت قوم طرفان شهيد ليفٽي??نٽ ڪرنل محمد علي جي خدمتن ۽ بهادري کي خراج تحسين پيش ڪيو. صدر مملڪت شهيد ليفٽي??نٽ ڪرنل محمد علي ۽ سندس خاندان جي وطن سان محبت ۽ قرباني جي جذبي کي ساراهيندي چيو ته پوري قوم شهيدن ۽ سندن خاندانن جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. صدر مملڪت چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي قربانين کي ڪڏهن به نه وساريندو. صدر مملڪت شهيد جي ڪٽنب سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ صبر جي دعا ڪئي.