اسلام آباد – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ اربع ڏينهن پي ٽي وي جي ڊائريڪٽر ايڊمن اينڊ پرسنل فرحت عباس جنجوعه جي وڏي ڀاءُ جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ سندس آفيس ويو ۽ مرحوم جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسو?? جو اظهار ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي ايصال ??وا?? لاءِ فاتحه خواني ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته مرحوم جو لاڏاڻو فرحت عباس جنجوعه ۽ ان جي گهرڀاتين جي لاءِ ناقابل ??لافي نقصان آهي. مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيندڙ خال دير تائين ڀرجي نه سگهبو. هن چيو ته ڏکويل خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.