اسلام آباد-13 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان 15-16 آڪٽوبر 2024ع تي شنگهائي سهڪار تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي حڪومتي سربراهن واري ڪا??ونسل جي 23هين اجلاس جي ميزباني ڪندو. اهو اجلاس وزيرا??ظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ جناح ڪنوينشن سينٽر ۾ ٿيندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جو قيام 15 جون 2001ع تي چين، روس، قازقستان، ڪرغزستان، تاجڪستان ۽ ازبڪستان گڏجي عمل ۾ آندو. شنگهائي سهڪار تنظيم هڪ مستقل بين الحڪومتي عالمي تنظيم آهي، ??نه?? جو مقصد گهڻ رخي سهڪار کي مضبوط بڻائڻ، امن ۽ سلامتي کي هٿي وٺرائڻ ۽ نئين اقتصادي عالمي نظام کي هٿي ڏيڻ آهي. پاڪستان 2017ع ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو آهي، ته ايس سي او ۾ شموليت کان پوءِ پاڪستان سٺن پاڙيسري لاڳاپن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ مسلسل ۽ تعميري طور ڪم ڪيو آهي ۽ پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ قدرن لاءِپرعزم آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جي فيصلي سازي واري اعليٰ اداري ڪا??ونسل آف هيڊز آف اسٽيٽس (سي ايڇ ايس) آهي ??نه?? جو هر سال اجلاس منعقد ٿيندو آهي ۽ تنظيم جي سمورن اهم معاملن تي فيصلا ڪيا ويندا آهن. ايس سي او ڪا??ونسل آف هيڊز آف گورنمينٽ شنگهائي سهڪار تنظيم ۾ ٻيو سڀ کان وڏو فورم آهي ??نه?? جو بنيادي طور ڌيان ميمبر ملڪن وچ ۾ سماجي ۽ اقتصادي، واپاري ۽ مالياتي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي وٺرائڻ تي آهي. ڪا??ونسل جو اجلاس سال ۾ هڪ ڀيرو ٿيندو آهي ??نه?? ۾ گهڻ رخي سهڪار ۽ تنظيم جي اندر ترجيحي شعبن جي حڪمت عملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون آهن. اقتصادي ۽ ٻين شعبن ۾ بنيادي ۽ موضوعاتي مسئلن جو تعين ڪيو ويندو آهي ۽ شنگهائي سهڪار تنظيم جي بجيٽ جي منظوري ڏني ويندي آهي. شنگهائي سهڪار تنظيم جو گذريل اجلاس 26 آڪٽوبر 2023ع تي بشڪيڪ ۾ منعقد ٿيو هو ۽ پاڪستان جي نمائندگي ان وقت جي نگران پرڏيهي وزير خليل عباس جيلاني ڪئي هئي. ڄاڻايل اجلاس ۾ پاڪستان 2023ع کان 2024ع تائين حڪومتي سربراهن جي ڪا??ونسل جي صدارت به س??ڀالي هئي. 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جي سي ايڇ جي اجلاس ۾ چين جي وزيرا??ظم لي چيانگ، روس جي وزيرا??ظم ميخائيل ميشوسٽن، بيلا روس جي وزيرا??ظم رومن گولوچينڪو، قازقستان جي وزيرا??ظم اولزاس بيتتينوف، ڪرغيز وزيرا??ظم اڪيل بيڪتينوف، تاجڪستان جي وزيرا??ظم ڪوخير رسول زوده، ازبڪ وزيرا??ظم عبدالله اريپوف سميت شنگهائي سهڪار تنظيم جي ملڪن اڳواڻن جي شرڪت جو امڪان آهي. ايران جي پهرين نائب صدر محمد رضا عارف ۽ ڀارت جي پرڏيهي وزير سبرانيم جي شنڪر جي به شرڪت جو امڪان آهي. ٻين شرڪت ڪندڙن ۾ منگوليا جو وزيرا??ظم يو يون ايرڊين لووسنامسرائي مبصر جي حيثيت ۽ ڪا??ينه جي نائب چيئرمين ۽ ترڪمانستان جو پرڏيهي وزير راشد مير دوف مهمان خاص طور شريڪ ٿيندا. عالمي تنظيم جا نمائندا جن ۾ ايشيا ۾ تعامل ۽ اعتمادسازي جي قدمن جي ڪانفرنس (سي آءِ سي اي)، آزاد رياستن جي دولت مشترڪه ۽ يورپي اقتصادي برادري جي نمائندن پاران به ان ڪانفرنس ۾ شرڪت جا امڪان آهن.