اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس افغانستان سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرامن ۽ خوشح??ل افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ ان مقصد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ان سلسلي ?? افغانستان بابت روسي فيڊريشن جي صدر جي خصوصي نمائندي ضمير ڪابلوف جو هڪ ڏينهن دورو ڪيو ۽ پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ ۽ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه اي??يا) سفير احمد نسيم وڙائچ سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقاتون ڪيون. هن پرڏيهي سيڪريٽري آمنه بلوچ سان ملاقات ڪئي ۽ بعد ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري (افغانستان ۽ اولهه اي??يا) سفير احمد نسيم وڙائچ سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڌرين افغانستان سان لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ پرامن ۽ خوشح??ل افغانستان جي لاءِ علائقائي ملڪن جي وچ ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو. ڌرين ان مقد جي لاءِ رابطا جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.