باڪو – 13 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم مح??د شهباز شريف موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدمن جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو آهي ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۽ 10 سال اڳ پيرس ۾ ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي، پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، دنيا کي پاڪستان ??هڙن اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن ڪوپ 29 ڪلائميٽ ايڪشن سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم آذربائيجان ??ي صدر کي سربراهي اجلاس جي بهترين انعقاد تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته موسمياتي تبديلين کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. دنيا جي اڪثر ملڪن کي موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن سبب نقصان ??رپيش آهي. پاڪستان ??ه ماحولياتي تبديلين کان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي ڪري پاڪستان کي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، 1700 جي لڳ ڀڳ جانين جو نقصان ٿيو، ان کانسواءِ هزارين ايڪڙ تي بيٺل فصل تباهه ٿي ويون ۽ لکين ماڻهو بي گهر ٿي ويا. ٻوڏ جي ڪري اسڪولن جون عمار??ون ڊهي ويون ۽ پاڪستان کي 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو. وزيراعظم ان موقعي تي بلوچستان ??ي ضلعي قلعه سيف الله جي هڪ شاگرد اڪرام الله کي بطور مثال پيش ڪيو ۽ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته ان ??اگرد جو ڳوٺ، گهر ۽ اسڪول سڀ ٻوڏ جي ور چڙهي ويا، ان کي پاڪستان ??ڪومت لارنس ڪاليج مري ۾ بهترين تعليمي سهول??ون فراهم ڪيون ۽ ان ??ي زندگي بدلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته موسمياتي تبديلين جي منفي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ وقت سر قدم نه کنيا ويا ته ايندڙ وقت ۾ وڌيڪ نقصان ۽ تباهي کي منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم عالمي برادري کي موسمياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ نقصانن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ان ??ا واعدا ياد ڏياريندي چيو ته ڪوپ 29 ۾ ڪيل مالياتي واعدن تي عملدرآمد ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان نه ٿا چاهيون ته پاڪستان وانگر ٻيا ملڪ به تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جهڙي صورتحال کي منهن ڏين. هن چيو ته عالمي ماحولياتي آلودگي ۾ پاڪستان ??و حصو 0.5 سيڪڙو کان ??ه گهٽ آهي پر اسان ??ن جي ڪري ٿيندڙ تباهين ۽ آفتن کان ??ڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪن ۾ شامل آهيون. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي انصاف کانسواءِ ان ??ورتحال کي منهن نه ٿو ڏئي سگهجي. هن ٻڌايو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهيو آهي، اسان نيشنل ڪاربن مارڪيٽ فريم ورڪ تي ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته پاڪستان متبادل توانائي جي ذريعن ۾ سيڙپڪاري جو پڻ خواهشمند آهي. هن ٻڌايو ته حڪومت ايندڙ ڪجهه سالن ۾ پنهنجي انرجي مڪس ۾ ڪلين سورسز جو حصو 60 سيڪڙو تائين کڻي وڃڻ ۽ 30 سيڪڙو گاڏين کي اليڪٽرڪ ٽيڪنالاجي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا آهن. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ??هڙا اسرندڙ ملڪ اڪيلي موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم نه ٿا کڻي سگهن، عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن جي مدد ڪرڻي پوندي. وزيراعظم ز??ر ڏنو ته موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فراهم ڪيل فنڊز قرض طور نه پر گرانٽ ط??ر ڏنا وڃن ڇو ته اسرندڙ ملڪ انهن قرضن جو بار برداشت نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم ڪوپ 27، ڪوپ 28 ۾ ڪيل مالي واعدا پورا ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏيندي چيو ته 10 سال اڳ پيرس ۾ جيڪي واعدا ڪيا ويا هئا اسان ??نهن جي به پوري ٿيڻ جا منتظر آهيون. وزيراعظم چيو ته دنيا هاڻي موسمياتي تبديلين جا سبب ڄاڻي چڪي آهي ۽ ان ??ا حل به ڳوليا ويا آهن، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان فوري قدم کڻون. هن چيو ته محفوظ مستقبل جي لاءِ ماحولياتي تحفظ تي هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ع – ک 15:30