راولپنڊي- 20 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز بنون ۾ دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻ??ئي ڇڏيو، سيڪيورٽي فورسز جي جوابي ڪاررو??ئي ۾ 6 دهشتگرد ??ار??ي ويا، جڏهن ته ڌماڪيدار مواد سان ڀريل گاڏي ٽڪرائجڻ سبب ڌماڪي جي نتيجي ۾ 12 سيڪيورٽي اهلڪار شهيد ٿي ويا. آءِ ايس پي آر موجب 19 نومبر 2024ع تي خو??رج بنون جي علائقي ملي خيل ۾ گڏيل چيڪ پوسٽ تي حملي جي ڪوشش ڪئي. جوابي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خو??رجي ??ار??ي ويا. سيڪيورٽي فورسز حملي آورن طرفان پوسٽ ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻ??ئي ڇڏي جنهن کانپوءِ خو??رج ڌماڪيدار مادي سان ڀريل هڪ گاڏي کي پوسٽ جي ديوار سان ٽڪر??ئي ڇڏيو. آپگهاتي ڌماڪي سان پوسٽ جي حد جي ڀت جو هڪ حصو ڪري پيو ۽ ڀرپاسي جي ع??ار??ن کي نقصان پهتو. ان واقعي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا اهلڪار 12 اهلڪار شهيد ٿي ويا، جن ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 10 ۽ فرنٽيئر ڪانسٽيبلري جا 2 اهلڪار شامل آهن. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي ۽ ??ن ڪڌي عمل جي ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا دهشتگردي جي ناسور کي پاڙ کان ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. اسان جي بهادر پٽن جون اهي قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ مضبوط ڪن ٿيون.