اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪ??مياب انٽيلي جنس تي ٻڌل ڪاررواين تي ??يڪ??ورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته دهشتگردن کي صوبي جو امن خراب ڪرڻ ۽ ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر آواران، ڊيره بگٽي ۽ ڪيچ ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪ??ررواين تي ??يڪ??ورٽي فورسز کي ساراهيو. صدر چيو ته ??يڪ??ورٽي فور??ز بلوچستان ۾ مختلف ڪ??ررواين ۾ 4 دهشتگردن کي بهادري سان جهنم واصل ڪيو. هن چيو ته دهشتگردن کي بلوچستان جو امن خراب ڪ??ڻ، ترقي جو سفر متاثر ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ۽ ملڪ دشمن عنصرن کي ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين. آصف علي زرداري چيو ته دهشتگردي جي خ??اف فورسز جون ڪارروايون ساراهه جوڳيون آهن. صدر دهشتگردي جي خلاف ڪ??رروايون جاري رکڻ جي قومي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو.