راولپنڊي- 22 نومبر (اي پي پي) سيڪيورٽي فورسز جي بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي علائقن ۾ آپريشن دوران 3 انتهائي گهربل دهشتگردن سميت 6 دهشتگرد ماريا ويا. آءِ ايس ??ي آر موجب سيڪيورٽي فورسز بنون ?? خوارج جي موجودگي جي اطلاع تي هڪ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيو. آپريشن دوران سيڪيورٽي فورسز خوارجي جي ٺڪاڻن کي اثرائتي طريقي سان نشانو بڻايو جنهن جي نتيجي ۾ 3 خوارج مارجي ويا ۽ ٻه زخمي ٿيا. مارجي ويل خوارجين وٽان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مواد هٿ ڪيو ويو. مارجي ويل خوارجي دهشتگر?? سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪيترين ئي دهشتگرد ڪارروائين ۽ بي گناهه شهرين جي ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ ملوث هئا. علائقي ۾ ڪنهن به باقي رهجي ويل خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي. آءِ ايس ??ي آر موجب 20 کان 22 نومبر 2024ع دوران بلوچستان ۾ ٽن مختلف ڪارروائين ۾ 4 دهشتگردن کي ماريو ويو. آواران ۾ آپريشن ۾ انٽيلي جنس معلومات جي بنياد تي آپريشن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ کانپوءِ 2 دهشتگرد مارجي ويا. ٻئي دهشتگرد هاءِ ويليو ٽارگيٽ هئا جن جي سڃاڻپ نياز عرف گهمن ۽ ظريف عرف شاهه جهان طور ٿي. ڊيره بگٽي ۾ آپريشن دوران هڪ دهشتگرد کي ماريو ويو. ڪيچ ضلعي ۾ انٽيليجنس بنياد تي آپيرشن دوران هڪ ٻئي دهشتگرد کي ماريو ويو، مارجي ويل دهشتگرد ڪيترن ئي دهشتگرد ڪاررواين ۽ بي گناهه شهرين جي قت?? ۾ ??لوث هئا ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي گهربل هئا. آءِ ايس ??ي آر جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي سيڪيورٽي فورسز قوم سان گڏجي بلوچستان ۾ امن، استحڪام ۽ ترقي کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.