تونسه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 ??? ن??مبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوا?? شريف چيو آهي ته ڪڇي ڪئنال هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نوا?? شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. تونسه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نوا?? شريف چيو ته سڀني کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي ڀليڪار چئون ٿا، هي هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نوا?? شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. هن چيو ته نوا?? شريف جي چئني صوبن کي ڳن??ڻ ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ معاشي خوشحالي جي رستي تي شهبا?? شريف ڪاربند آهي، سندس دل ۾ پاڪستان جو درد آهي ته هو ان جي لاءِ ??جهه ڪري، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ملڪ ۾ روزانو خوشحالي جي خبر اچي رهي آهي، شهبا?? شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ روزانو پاڪستان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جون خبرون اينديون هيون پر هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ تيزي سان مٿي، ناڻي واڌ هڪ انگ تي اچي وئي آهي، ان سان پاڪستانين جي خريداري جي سگهه وڌي آهي، ماڻهو خوش آهن ۽ ڪنهن احتجاج تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، انهن جو گذريل چئن سالن جي دور ڏوهاري غفلت جو دور هو، انهن جي ??يج??ڊا گهيراءُ جلاءُ آهي، پنجاب جي عوام کي ان فتني کان ڪيئن تحفظ ڏيڻو آهي آئون ڄاڻان ٿي، پاڪستان کي الله پاڪ ان فتني کان محفوظ رکي. هن چيو ته اڄ هر شيءَ ۾ بهتري جو ڪريڊٽ مسلم ليگ (ن) جو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن ترقي اچي ٿي ته ان وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هوندي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ گهريلو عورت پاڪستان جي ڀائر دوست ملڪ تي حملو ڪيو آهي، اهو ملڪ پاڪستان جو محسن ملڪ آهي جيڪو سدائين پاڪستان جي مدد لاءِ آيو، ان بيان جي پاڪستان تي اثرن جو انهن کي اندازو نه آهي.