ا??لا?? آباد – 29 – نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق پنهنجي روسي هم منصب روسي فيڊ??يش?? جي اسٽيٽ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وياچ??لا?? وڪٽورووچ جي خصوصي دعوت تي ماسڪو جي سرڪاري دوري تي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جو اسپيڪر ماسڪو ۾ ڊوما جي چيئرمين ولوڊن وياچ??لا?? وڪٽوروچ، فيڊ??يش?? ڪائونسل جي چيئرپرسن ويلنٽينا ماتو يينڪو، ڊوما جي وائيس چيئرمين اليگزينڊر باباڪوف ۽ مفتي اعظم جي ڪائونسل جي نائب چيئرمين دمير مقتدينوف سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪيون. ترجمان چيو ته ان دوري جو مقصد پارلياماني مٽاسٽا جي ذريعي ٻنهي ملڪن جي حڪومتن ۽ عوام جي وچ ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ سگهه ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڊوما ?? پاڪستان جي قومي اسيمبلي جي وچ ۾ پارلياماني تعاون ۽ مٽاسٽا کي سگهه ڏيڻ جي حوالي سان ايم او يو تي پڻ صحيحون ڪيون وينديون.