اسلام آباد-29 نومبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارل??ام??ني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارل??ام??ني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. گذريل ڏينهن جاري پريس رليز موجب قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پارل??ام??ني وفد سان گڏ روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر سان ملاقات ڪئي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو اسپيڪر ۽ پارل??ام??ني وفد جي فيڊرل اسيمبلي آف رشين فيڊريشن آمد تي آجيان ڪئي. اسپيڪر روس جي فيڊريشن ڪائونسل جي اسپيڪر ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جو شاندار استقبال تي ٿورو مڃيو. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو پنهنجي پاڪستان جي دوري دوران والهاڻو استقبال ۽ ميزباني تي پاڪستان جي پارليامينٽ کي خراج تحسين پيش ڪي??. اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ پارل??ام??ني رابطن کي هٿي ڏيڻ خوش آئنده آهي، پارل??ام??ني سفارتڪاري ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهميت واري آهي. ويلنٽينا ميٽ ويانڪو چيو ته پاڪستان ۽ روس وچ ۾ پارل??ام??ني رابطن ۾ اضاف?? کي روس قدرجي نگاهه سان ڏسي ٿو. اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان ۾ منعقد پهرين اسپيڪرز ڪانفرنس ۾ روسي هم منصب ??ي شرڪت ۽ حمايت کي ساراهيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي روس جي روس جو سرڪاري دورو ڪر?? جي دعوت کي مثبت اڳڀرائي قرار ڏنو. اسپيڪر پنهنجي روسي هم منصب جي پاڪستان جو جلد دورو ڪر?? جي خاطر?? کي ساراهيو. اسپيڪر ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي، پارل??ام??ني ۽ حڪومتي سطح تي رابطن ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪي??. ٻنهي ملڪن جي صدرن ۽ وزيراعظمن جون هاڻوڪيون ملاقاتون ۽ اعليٰ سطحي وفدن جي مٽاسٽا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم اهميت رکندڙ آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جي ميمبرن وچ ۾ رابطن کي هٿي ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي، اقتصادي ۽ ڪاروباري رابطن کي هٿي ڏيڻ جي خواهش رکي ٿو. سردار اياز صادق ويلنٽينا ميٽ ويانڪو جي ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارل??ام??ني،سفارتي ۽ ٻطرفا لاڳاپا وڌائڻ جي عزم کي ساراهيو. اسپيڪر جي روس جي دور?? کي ويلنٽيناميٽ ويانڪو ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارل??ام??ني سفارتڪار?? کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم سنگ ميل قرار ڏنو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ اقتصادي، واپاري ۽ ڪاروباري رابطا وڌائڻ جا وسيع موقعا موجود آهن. معاشي ۽ واپاري تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۾ رابطا انتهائي اهميت وارا آهن. پارل??ام??ني وفد قومي اسيمبلي جي ميمبر راڻا محمد حيات خان، سيد آغا رفيع الله، عبدالقار پٽيل، ڊاڪٽر محمد فاروق ستار ۽ شير علي ارباب تي ٻڌل آهي.