اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اسان معذور ماڻهن ک?? تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ بامعنيٰ قدم کڻي رهيا آهيون، اسان جي حڪومت انهن جامع پاليسين ک?? لاڳو ڪرڻ جي ل??ءِ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي، جيڪي معذور ماڻهن ک?? بااختيار بڻا??ين ٿيون ۽ انهن جي ل??ءِ سماجي رڪاوٽن ک?? ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب معذور ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته اڄ سڄي دنيا ۾ معذور ماڻهن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن اسان ک?? معاشري ۾ معزور ماڻهن جي حقن، وقار ۽ انهن جي شموليت کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ عالمي برادري جي گڏيل عزم جي نشاندهي ڪري ٿو. هن سال جي عالمي ڏينهن جو موضوع ”هڪ جامع ۽ پائيدار مستقبل جي ل??ءِ معذور ماڻهن جي قيادت کي وڌائڻ، ان ڳالهه جي نشاندهي ڪري ٿو ته هڪ وڌيڪ جامع دنيا طرف سفر جي قيادت انهن ماڻهن ک?? ڪرڻ گهرجي جيڪي انهن جي چئلينجن ک?? پاڻ سمجهندا هجن. هن چيو ته اسان معذور ماڻهن ک?? تعليم، روزگار، صحت جي سارسنڀال ۽ عوامي زندگي ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي ل??ءِ بامعنيٰ قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان جي حڪومت انهن جامع پاليسين ک?? لاڳو ڪرڻ جي ل??ءِ محنت سان ڪم ڪري رهي آهي جيڪي معذور ماڻهن ک?? بااختيار بڻا??ين ٿيون ۽ انهن جي ل??ءِ سماجي رڪاوٽن ک?? ختم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿين ٿيون. وزيراعظم چيو ته اسان ان ڳالهه کي يقيني بڻائي رهيا آهيون ته معذور ماڻهن جو موقف اسان جي قومي ترقي جي پاليسي ۾ شامل هجي ۽ اسان هڪ اهڙي معاشري جي تعمير ڪريون جيڪو قائدين ۽ تبديلي سازن جي طور تي انهن جي حصيداري کي اهميت ڏيندو هجي، معذور ماڻهن جي ل??ءِ دوستاڻا قانون لاڳو ڪرڻ ان ويزن ۾ مرڪزي حيثيت رکي ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان ک?? معذور ماڻهن جي مدد جي ل??ءِ اڻٿڪ محنت ڪندڙن، انهن جي نگهداشت ڪندڙن، وڪالت ڪندڙ ماڻهن ۽ تنظيمن جي ڪم ۽ انهن جي تعاون ک?? ساراهڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته آئون سرڪاري ادارن، ڪاروباري شعبي ۽ سول سوسائٽي تي زور ڏيان ٿو ته اهي معذور ماڻهن جي راهه ۾ رڪاوٽن ک?? ختم ڪرڻ ۽ اهڙي ماحول کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن جتي معذور ماڻهو اڳواڻ طور پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن، اسان ک?? اهڙي روين ک?? چئلينج ڪرڻ جي ل??ءِ پڻ شعوري ڪوششون ڪرڻ گهرجن جيڪي معذور ماڻهن سان امتيازي سلوڪ رکن ٿا.