اسلام آباد-15 ڊسمبر(اي پي پي) پر??يهي کاتي جي ترجمان چيو آهي ته شروعاتي اطلاعن موجب يونان جي ڪريٽ ٻيٽ جي ڏکڻ ۾ گذريل ڏينهن ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي واقعي کان پوءِ بچي ويلن ۾ 47 پاڪستان پڻ شامل آهن جڏهن ته فوت ٿي ويلن ۾ هڪ پاڪستاني جي تصديق ٿي آهي. پر??يهي کاتي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب هن وقت فوت يا گم ٿي ويلن پاڪستاني شهرين جي حتمي تعداد جي تصديق نه ٿي ڪري سگهجي جڏهن ته يونان ۾ پاڪستان جو سفارتخانو هيلينڪ ڪوسٽ گارڊ ۽ چانيا جي ڪوسٽ گارڊ سان رابطي ۾ آهي جيڪي سڌي ريت سرچ ۽ ريسڪيو آپريشن ۾ مصروف آهن. پاڪستاني سفارتخاني جا عملدار پاڪستانين سان ملڻ ۽ انهن کي هر قسم جي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ ??ريٽ پهچي ويا آهن. يونان ۾ پاڪستانين جي سهولت لاءِ پر??يهي وزارت پنهنجي ڪرائسز مينجمنٽ يونٽ (سي ايم يو) کي فعال ڪري ورتو آهي. پر??يهي کاتي يونان ۾ پاڪستاني شهرين ۽ انهن جي ڪٽنبن کي ٽيليفون نمبرن / اي ميل فون نمبر 0519207887 ، اي ميل cum1@ mofa.gov.pk تي رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. گم ٿي ويل پاڪستانين جا ڪٽنب ڄاڻايل ٽيلفون نمبر تي رابطو ڪري ان حوالي سان وڌيڪ تفصيل معلو م ڪري سگهن ٿا.