اسلام آباد- 04 ??نوري (اي پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري لوئر ڪرم ۾ گاڏين جي قافلي تي فائرنگ جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته وڳوڙي ڌريون فساد پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي. ايوان صدر جي پري?? ونگ مان جاري بيان ۾ صدر مملڪت ڪرم ۾ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي ضرورت تي ??ور ڀريو. صدر مملڪت چيو ته وڳوڙي ڌريون عوام جا دشمن آهن ۽ جهڙا پکيڙڻ چاهين ٿيون، عوام وڳوڙي ڌرين جي مڪروه مقصدن کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏي، صدر مملڪ?? ڊپٽي ڪمشنر سميت فائرنگ جي نتيجي ۾ زخمي ٿيلن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.