اسلام آباد-09 جنوري (اي پي پي) مواصلات و??ري وفاقي وزير عبدالعليم خان موٽر ويز تي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ سونپيندي موٽر ويز تي سيڪيورٽي ۽ سرويلنس لاءِ موٽر بائيڪ سروس جو پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. مواصلات و??ري وزارت طرفان ج??ري بيان موجب وفاقي وزير عبدالعليم آءِ جي موٽر ويز پوليس کي پيٽرولنگ وڌائڻ ۽ سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي. وفاقي وزير هدايت ڪئي ته موٽر وي تي هڪ ئي وقت 30 کان 35 موٽربائيڪس کي مختلف سيڪٽرز ۾ پيٽرولنگ ڪندي رهڻ گهرجي. هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ موٽر وي پوليس پنهنجي وسيلن مان بائيڪ سروس شروع ڪري جنهن ۾ وڌيڪ اضافو ڪنداسين. وفاقي وزير چيو ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي، موٽر وي پوليس، فرنٽيئر ورڪس آرگنائيزيشن (ايف ڊبليو او) ۽ ضلعي پوليس گڏيل قدمن کي يقيني بڻائي. مواصلات و??ري وفاقي وزير چيو ته موٽر وي جي پاسن کان حفاظتي بند ج?? تار جي چوري جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ??ئي وڃي. وفاقي وزير موٽر وي پوليس جي اختيارن لاءِ قانونسازي ۾ ترميم جي تجويز پيش ڪئي.هن چيو ته شهرين جي حفاظت لاءِ موٽر وي پوليس کي وڌ کان وڌ ذميو??ري وٺڻي پوندي. هن هدايت ڪئي ته اهڙو ميڪنزم اختيار ??يو وڃي ته موٽر وي تي سفر کي وڌ کان وڌ محفوظ بڻائي سگهجي. موٽر وي تي جتي ڏوهه ۽ حفاظتي بند جي تار ??وري جا واقعا وڌيڪ آهن انهن جي نشاندهي ڪريو. مواصلات و??ري وفاقي وزير چيو ته جنهن علائقي ۾ حفاظتي بند جي تار ??وري ٿيندي، اتان جو اين ايڇ اي آفيسر ۽ موٽر وي پوليس ذميو??ري ٿيندي، جن ايرياز ۾ حفاظتي بند ج?? تار ٽٽي چڪي آهي يا چوري ٿي وئي آهي، اتي نئين حفاظتي بند و??ري تار جو بندوب??ت ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته آءِ جي موٽر وي مقامي پوليس سان گڏ حفاظتي بند و??ري تار ??وري جي ڪيسن جي مڪمل پيروي کي يقيني بڻائي، وفاقي وزير مواصلات و??ري سيڪريٽري کي هڪ هفتي ۾ جامع قدمن جي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.