اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري ف??اد حسين چيو آهي ته حڪومت عدالتي ف??صلن جو احترام ڪري ٿي جڏهن ته شهباز شريف جي ٻاهرئين ملڪ وڃڻ جي اجازت جي خلاف اپيل جو حق استعمال ڪنداسين، 20 سالن ۾ شريف فيملي ڦرلٽ ڪري اربين ڊالر جون ملڪيتون ٺ??هيون، شريف فيملي ۾ ٻار بعد ۾ پيدا ٿئي ٿو پر اپارٽمينٽ اڳ ۾ ان جي نالي هوندو آهي، قانون ن??از شريف فيملي ۽ عام ماڻهن جي لاءِ برابر هجڻ گهرجي، ننڍن چورن کي به وڏن چورن جهڙا حق ملڻ گهرجن، ڪرپشن جي خلاف اها جدوجهد عمران خان جي نه پوري معاشري جي آهي، هر اداري کي ان ۾ ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، ا??ان ته اميد ڪري رهيا هئاسين ته نيب ۽ عدالت شهباز شريف جي نواز شريف جي گارنٽي جو پڇندا ته هيستائين هو واپس ڇو نه آيو پر شهباز شريف جي هڪ ئي ڏينهن ۾ درخواست جو داخل ٿيڻ، نوٽيس ٿيڻ، پراسيڪيوشن کي نه ٻڌو ويو ۽ فوري ف??صلو ٿي وڃي ٿو. هو پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ احتساب ۽ گهرو معاملن واري صلاحڪار شهزاد اڪبر ??ان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.