اسلام آباد – 25 – مئ?? (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ماحولياتي تبديلي ۽ گلوبل وارمنگ جي خراب اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ٻيلن ۾ اضافي جي ضرورت تي زور ڏي??دي چيو آهي ته ماحولياتي آلودگي گهٽ ڪرڻ ۽ هوا جو معيار بهتر بڻائڻ جي لاءِ شهري علائقن ۾ وڻ پوکڻا پوندا، مياواڪي جهڙي وڻڪاري جي جديد ٽيڪنڪ شهرين کي صحت مند ماحول فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. هو مياواڪي فا??سٽ بابت بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جي سينئر نائب صدر سيد ظهير مهدي مياواڪي فا??سٽ پوکڻ جي طريقيڪار ۽ ان جي فا??دن جي باري ۾ بريفنگ ڏني.