اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چين ۽ پ??ڪستان جي اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جو دنيا ۾ مثال نه ٿو ملي، گڏيل مفادن جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏنو وڃي ۽ سيڙپڪارن کي سموريون ممڪن مراعتون ڏنيون وڃن، پرڏيهي خاص ط??ر تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي م??ي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کنيا وڃن. هو پنهنجي صدارت ۾ ??ي پيڪ منصوبن تي اڳڀرائي ۽ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ??ي پيڪ منصوبي تحت سيڙپڪاري، حڪومت پاران چيني سيڙپڪارن کي ڏني ويندڙ سهولتن ۽ ڪجهه معاملن ۾ سيڙپڪارن کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ خاص ط??ر تي چيني سيڙپڪارن کي ڊگهي م??ي واري ويزا جاري ڪرڻ ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي.