اسلام آباد – 28 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??سڪ??ل ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص ??ور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏيندي چيو آهي ته ??سڪ??ل ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيج صلاحيت رکي ٿي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان ۾ ڊوميسٽڪ خاص ??ور تي ??سڪ??ل ڪرڪيٽ بابت پريزنٽيشن ڏني وئي. پريزنٽيشن سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالله خان سمبال تيار ڪئي هئي. وزيراعظم پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ تحت هلندڙ تنظيم سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن (سي پي سي اي) جي ماڊل کي ساراهيو. وزيراعظم ??سڪ??ل ڪرڪيٽ جي لاءِ خاص ??ور تي ۽ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جي لاءِ بالعموم فريم ورڪ جي منظوري ڏني ۽ سي پي سي اي کي ان ماڊل جي ريپليڪا کي سڄي ملڪ ۾ مڪمل ??ور تي لاڳو ڪرڻ جي راءِ ڏني. وزيراعظم 15 سيپٽمبر کان وچ پنجاب ۾ ??سڪ??ل ڪرڪيٽ چيمپيئن شپ شروع ڪرڻ جي لاءِ مڪمل تعاون جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته ??سڪ??ل ڪرڪيٽ ملڪ ۾ ڪرڪيٽ جي حقيقي ٽيلنٽ کي اڀارڻ ۽ سامهون آڻڻ جي وسيع صلاحيت رکندڙ آهي. پنجاب جي چيف ??يڪريٽري ان موقعي تي ٻڌايو ته ان اهم قدم ۾ پنجاب حڪومت اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اجلاس ۾ بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر فهميده مرزا، وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيف ??يگزيڪيوٽو آفيسر وسيم خان ۽ سينٽرل پنجاب ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي سي اي او خرم نيازي شرڪت ڪئي.