اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته قبضو ڪيل ??مي?? کي آجو ڪرائڻ لاءِ قانون سختي سان لاڳو ڪرڻ کي ي??يني بڻايو وڃي. اها هدايت هن هائوسنگ ۽ تعميرات بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني.
اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. وزيراعظم اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته حڪومت ماحولياتي تحفظ لاءِ ٻيلن جي ??مي??ن جي حفاظت کي ي??يني بڻائي رهي آهي، هن چيو ته فوڊ سيڪيورٽي ۽ موسمياتي تبديلي هن وقت پاڪستان سميت سڄي دنيا جو سڀ کان وڏو اهم مسئلو آهي. وزيراعظم چيو ته حڪومت قبضي واري ??مي?? کي آجي ڪرائڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، ڪيڊسٽرل ميپنگ سان ڊيڊ ڪيپٽل جي نشاندهي ۽ ان جو بهتر استعمال ممڪن ٿي سگهندو.
اجلاس کي سي ڊي اي چيئرمين اسلام آباد ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. هن ٻڌايو ته سيڪٽرI-15 جي تڪميل هڪ سال جي ٿوري مدي ۾ يقيني بڻائي وئي، نئون پاڪستان هائوسنگ تحت فراش ٽائون ۽ ٻيا انفرااسٽرڪچر جا منصوبا به جلد مڪمل ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ ٻيلن جي ??مي?? جي رڪارڊ ڊجيٽلائيزيشن به تقريبن ممڪن ٿي چڪي آهي، اجلاس کي سرويئر جنرل طرفان ڪيڊسٽرل ميپنگ تي به تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته اسلام آباد ۽ لاهور سميت پوري ملڪ ۾ ڊجيٽل ميپنگ ۽ سرڪاري ??مي??ن جي نشاندهي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، اجلاس ۾ اسپيشل/سائيٽ ڊولپمينٽ زونز تي به بريفنگ ڏني وئي، سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته ڊولپمينٽ زونز پيري اربن سيٽلمنٽس کي بنيادي سهولتن جي فراهمي ي??يني بڻائينداسين، منصوبي سان ??مي?? جو بهتر استعمال ۽ غي?? قانوني سوسائيٽين جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي.