اسلام آباد – 15 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زرعي پيداوار وڌائڻ جي لاءِ پاڻي ذخيرو ڪرڻ، تحقيق ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آه?? ته حڪومت آبادگارن کي انهن جي محنت جو پورو معاوضو ادا ڪندي، ننڍا آبادگار خوشحال هوندا ته ملڪ خوشحال ٿيندو، پورهيت ۽ ڪمزور طبقي تي ظلم ٿيڻ نه ڏينداسين، وڌندڙ آبادي جون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ زرعي پيداوار ۾ اضافو اڻٽر آه??، آبادگارن جي خدمت ملڪ جي خدمت آه??، آبادگار ڪارڊ جي ذريعي آبادگارن کي سڌي سنئين سبسڊي ڏني ويندي، پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ هر خاندان کي صحت ڪارڊ ڏنو ويندو، روپئي تي دٻاءُ عارضي آه?? جلد ختم ٿي ويندو، آبادگار پورٽل جي ذريعي آبادگارن جي جلد داد رسي ٿيندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان سٽيزن پورٽل تحت آبادگارن لاءِ مخصوص ”ڪسان پورٽل“ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم جو نيشنل فوڊ سيڪيورٽي بابت خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به موجود هو. وزيراعظم چيو ته هاري ۽ مزدور محنت ڪندڙ پورهيت آه?? ۽ سڄو سال هر طرح جي موسم ۾ هو تمام وڏي محنت ڪندا آه??، هارين ۽ مزدورن جي مدد ڪرڻ حڪومت جو عزم آه??، الله تعاليٰ پورهيتن ۽ مزدور طبقي جي آواز ٻڌندو آه?? ڇو ته پورهيت ۽ مزدور جو آواز ظالم ۽ طاقتور جي سامهون دٻجي ويندو. اسان جي 90 سيڪڙو کان وڌيڪ ننڍا آبادگار آه?? جن کي هر طرح جي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آه?? ۽ طاقتور حلقن تائين انهن جو آواز نٿو پهچي، جيڪڏهن ڪنهن علائقي ۾ ظ??لم ٿاڻيدار اچي وڃي ته سڀ کان وڌيڪ ننڍو آبادگار ان جي ظلم جو شڪار ٿيندو آه??، ٻهراڙي ۾ ان جو آواز ڪو به نٿو ٻڌي. وزيراعظم چيو ته اسان انصاف جي تحريڪ هلائي ۽ اهو عزم ڪيو هو ته ڪمزور کي انصاف ڏيارينداسين ڇو ته انصاف ته گهرجي ئي ڪمزور کي، طاقتور ته پنهنجو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندو آه?? ۽ چاهيندو آه?? ته ان کي اين آر او ملي وڃي. جڏهن ننڍو آبادگار خوشحال هوندو ته هو پئسو ٻاهر وٺي ويندو نه ئي لنڊن ۾ فليٽس خريد ڪندو، هو پنهنجي زمين تي ئي پئسو لڳائيندو. جيترو آبادگار خوشحال ٿيندو ملڪي خوشحالي به وڌندي. ننڍن آبادگارن کي وڏن آبادگارن جي ڀيٽ ۾ مارڪيٽ مان مصنوعات مهانگي ملندي آه?? پر پنهنجي پيداوار جو معاوضو ان کي گهٽ ملندو آه?? ۽ ان کي پنهنجي پيداوار سستي وڪڻڻي پوندي آه??. اهڙي طرح ننڍن آبادگارن کي قرض تي به وڏو وياج ادا ڪرڻو پوندو آه??. وزيراعظم چيو ته آبادگارن کي شگر ملن مان انهن جي فصل جو پورو معاوضو ناهي ملندو ۽ ڪٽوتي به ڪئي ويندي آه??، اسان اهو فيصلو ڪيو هو ته جڏهن حڪومت ايندي ته آبادگارن کي انهن جي فصل جي پوري قيمت ڏيارينداسين، هاڻي جڏهن آبادگارن جي آمدني وڌي آه?? ته انهن جي پيداوار به وڌي وئي آه??. جيستائين تحقيق نه ڪنداسين ۽ ٻجن تي تحقيق نٿي ٿئي ته پيداوار ڪئين وڌندي. پهرين زرعي يونيورسٽي فيصل آباد ۾ به وڏي تحقيق ٿيندي هئي ۽ ان جو وڏو معيار هو، جيئن جيئن تحقيق تي فنڊز خرچ ڪرڻ گهٽ ڪيا ويا ته تحقيق ختم ٿي وئي، دنيا ۾ جيڪي ملڪ تحقيق تي خرچ ڪندا آه?? انهن جي پيداوار اسان کان وڌيڪ آ??ي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڳئون، مينهن جو ايترو تعداد هجڻ جي باوجود اسان کي خشڪ کير درآمد ڪرڻو پوندو آه??، ڪڏهن کير جي پيداوار وڌائڻ تي ڌيان ناهي ڏنو ويو. چين ۽ يورپ ۾ کير جي پيداوار اسان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ آ??ي، هن چيو ته پاڪستان ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت گهٽ آه??، ان تي به ڪڏهن ڌيان ناهي ڏنو ويو، پاڻي جي دستيابي وڌائي فصلن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو، پاڪستان ۾ وڏي مقدار ۾ زمين موجود آه?? جنهن کي اڃان تائين پوک جي قابل ناهي بڻايو ويو. بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ??وک??ل ووئنڻ جو معيار اعليٰ آه??، پاڻي نه هجڻ جي ڪري اسان پنهنجي پيداوار نه وڌائي سگهياسين. هاڻي 50 سالن کانپوءِ 10 ڊيم ٺاهيا پيا وڃن، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت وڌندي ته ان سان زراعت لاءِ پاڻي جي دستيابي وڌندي ۽ ٻوڏ جي روڪٿام ۾ به مدد ملندي. ڪوه سليمان مان پاڻي جي تيز ريلي کي استعمال ۾ آڻي بنجر زمينون آباد ڪري سگهجن ٿيون، هاڻي پهريون ڀيرو اتي هڪ وڏو ڊيم ٺاهيو پيو وڃي، گومل زام ڊيم ۽ ڊيمن جو ڪمانڊ ايريا بڻجڻ سان پاڻي جي دستيابي ۾ به اضافو ٿيندو. آبادگارن کي قرضن جي فراهمي تي به ڌيان ڏنو پيو وڃي، آبادگار ڪارڊ سان ننڍن آبادگارن کي سڌو سنئون سبسڊي ملندي، ڀاڻ، جيت مار دوائن ۽ ٻيون شيون سستيون ملنديون، ڪنهن آفت به انهن جي مدد ڪئي ويندي. فصلن جي حوالي سان آبادگارن جي لاءِ انشورنس هڪ تمام سٺي اسڪيم آه??، ان سان بئنڪون به ان جي لاءِ قرض وڌائينديون. وزيراعظم چيو ته حڪومت ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو صحت ڪارڊ جاري ڪرڻ شروع ڪيو آه??، گلگت بلتستان، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ هر خاندان ان ڪارڊ جي ذريعي 10 لک روپين تائين جي علاج جي سهولت حاصل ڪري سگهندو. وزيراعظم چيو ته فصلن جي پيداوار ۾ اضافي جي ضرورت آه?? هڪ سال ۾ اسان جو درآمدي بل 53 سيڪڙو وڌيو آه??، روپئي تي دٻاءُ عارضي آه??، تمام جلد ختم ٿي ويندو. پاڪستان زرعي ملڪ هجڻ جي باوجود گذريل سال 40 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي آه??، اهڙي طرح کنڊ، داليون، پام آئل ۽ ڊي اي پي درآمد ڪري رهيو آه?? جنهن جي ڪري ان جون قيمتون وڌي ويون آه??، هاڻي ملڪ ۾ سمورين جنسن جي پيداوار وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. سويابين ت?? تجربو شروع ڪيو ويو آه??، زيتون جي پوک جو انقلاب اچي رهيو آه??، خيبرپختونخوا ۾ زيتون جي ??وک?? وڌائي وئي آه?? جنهن سان زيتون جي ايتري پيداوار ٿيندي ته اسان برآمد ڪري سگهنداسين. الله تعاليٰ پاڪستان کي هر شيءَ سان نوازيو آه?? اسان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي پنهنجي پيداوار وڌائڻي آه??، آبادگارن کي به جديد ٽيڪنالاجي ڏني ويندي. آبادگارن جي تربيت جو به انتظام ڪيو ويندو، سي پيڪ ۾ زراعت کي به شامل ڪيو ويو آه??، چين کان اسان مدد وٺي رهيا آه??ون ڇو ته ان جي تحقيق اسان کان تمام گهڻي وڌيڪ آ??ي، هنن ريگستان ۾ به فصل ??وک??ا آه??، پاڪستان ۾ به کاري پاڻي ۽ سيم وارن علائقن ۾ به فصل ??وک?? سگهجن ٿا، صرف پاڻي جو صحيح استعمال ڪرڻ ۽ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال يقيني بڻائڻو آه??. ماڻهن کي به روڪ فصلن جي باري ۾ به آگاهي فراهم ڪرڻي آه??، وزيراعظم چيو ته ڀاڄين ۾ ايواڪارڊو سڀني کان مهانگي ڀاڄي آه??، ان ۾ غذايت به وڌيڪ آ??ي، ان جي پيداوار به وڌائي سگهجي ٿي، ملڪ ۾ آبادي ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آه?? ان جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پيداوار ۾ به اضافو ڪرڻو پوندو، آبادگار پورٽل ننڍن آبادگارن جو آواز بڻجندو. جيڪو به آبادگار پورٽل تي رجوع ڪندو ان جي شڪايت سڌو سنئون چيف سيڪريٽري تائين پهچندي ۽ ان کي پاڻي جي دستيابي ۽ ٻيا مسئلا حل ڪيا ويندا ۽ ان شيءَ کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪو به طاقتور ان تي ظلم نه ڪري ڇو ته ننڍن آبادگارن کي ڪوڙا ڪيس به بڻايا ويندا آه??، آبادگارن کي انهن جي محنت جو پورو معاوضو ڏيارينداسين. حڪومت آبادگارن سان گڏ آه??، تقريب کي وزيراعظم جي نيشل فوڊ سيڪيورٽي بابت خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به خطاب ڪيو.