اسلام آباد – 28 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ سياسي رابطا وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، ازبڪستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدي سان واپاري ۽ معاشي تعاون تيز ڪرڻو پوندو، پاڪستان ٽرانس افغان ري??وي منصوبي جو حا??ي آهي، ج??د مڪمل ڪرڻ جي لاءِ تعاون فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو ا??هار صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي اشڪ آباد ۾ ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزييويو سان ملاقات دوران ڪيو. ٻنهي ملڪن جي صدرن ملاقات ۾ ٻطرفي تعاون، واپار ۽ معاشي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي فورمن تي تعاون وڌائڻ ۽ ٻطرفا لاڳاپا مضبوط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ازبڪستان جي صدر کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.