اسلام آباد ?? 19 ??نوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عوام ??ي صحت لاءِ محفوظ کير سميت کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي تي زور ڏيندي چيو آهي ته معياري مصنوعات جي تياري اولين ترجيح هجڻ گهرجي، حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي، وڌندڙ آبادي سان گڏ صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي به ڌيان ڏيڻو پوندو، آبادي ۾ اضافي کي نظر ۾ رکي زرعي پيداوار وڌائڻ لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن”محفوظ کير تي قومي مڪالمي“ کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جو اهتمام پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي حصيداري سان ڪيو هو. تقريب ۾ وفاقي وزير سيد فخر امام، خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي، پنجاب فوڊ اٿارٽي جي چيئرمين عمر تنوير ۽ پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي عهديدارن شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسان ??نهنجي ٻارن جي صحت سان ??اهه نه ٿا ڪري سگهون، کير ۽ ڊيري مصنوعات جي پيداوار وڌائ?? جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته پاڪستان کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ سرفهرست آهي، کير کي محفوظ بڻائ?? جي لاءِ ڪيترائي طريقا لاڳو آهن. صدر چيو ته قومي مڪالمي کي خطاب ان ??اءِ اعزاز جو سبب آهي، آبادي وڌيڪ هج?? ته حڪومت جون ڪيتريون ئي ترجيحون هونيون آهن، وڌندڙ آبادي سان صحت، تعليم ۽ روزگار جي فراهمي تي پڻ ڌيان ڏيڻو پوندو. هن چيو ته آبادي ۾ اضافي جي ڪري زرعي پيداوار وڌائڻ ضروري آهي. هن چيو ته حڪومت لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي سان ڀرپور تعاون ڪيو آهي ۽ اڳتي به پاڪستان ڊيري ايسوسيئيشن جي تجويزن تي غور ڪنداسين. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ملاوٽ هڪ خراب ڪيفيت آهي، معياري ۽ ملاوٽ کان ??اڪ شين جي ماڻهن کي فراهمي لازمي آهي. ٻارن، جي اسٽنٽنگ ۽ خوراڪ جي کوٽ جي مسئلي ي ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي، ماءُ جو کير سڀ کان ??حفوظ ۽ ضروري اهي، ٻارن کي جڏهن مناسب غذا نه ملندي ته ان جو وزن نه وڌندو، کير انهن جي لاءِ هڪ مڪمل غذا آهي، ٻار جي لاءِ ماءُ جي کير کان بهتر ڪا خوراڪ نه آهي، بهتر صحت جي لاءِ احتياط ۽ پرهيز تي ڌيان ڏي?? جي ضرورت آهي. صدر چيو ته ان ??قصد جي لاءِ عوام ??ي آگاهي ڏيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت پڻ مختلف پروگرامن سان ??اڻهن کي آگاهي ڏني وئي، اسان احتياط ذريعي بيمارين جو تدارڪ ڪري سگهون ٿا.