اسلام آباد – 09 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پا??ستان بنگلاديش سان ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ج?? خواهشمند آهي، اها ڳالهه هن پا??ستان ۾ مقرر بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم ??دي??ي سان ڳالهائيندي چئي جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻطرفي لاڳاپن، گڏيل دلچسپي جي معاملن ۾ ٻطرفي تعاون جي فروغ سميت اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر پنهنجي قيادت پاران پا??ستاني قيادت لاءِ خير سگالي جو پيغام پهچايو، پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا هڪجهڙي عقيدي ۽ ثقافت جي بنياد تي هموار آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته پا??ستان اقتصادي ترجيحن ۽ علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي ايجنڊا تي عمل پيرا آهي. هن چيو ته پا??ستان بنگلاديش سان گڏ ٻطرفي واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي فروغ ج?? خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير پا??ستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ ج?? ضرورت تي زور ڏنو، پا??ستان ۾ بنگلاديش جي هاءِ ڪمشنر رو العالم ??دي??ي پرڏيهي وزير جو ٿورو ادا ڪندي ٻطرفي لاڳاپن جي استحڪام لاءِ پنهنجون ڀرپور ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي خاطري ڪرائي.