اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي ورڪرز ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب ملاقات ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، قومي اسيمبلي ميمبر آفتاب صديقي، صوبائي اسيمبلي ميمبرن حليم عادل شيخ، خرم شير زمان، سعيد آفريدي، جمال صديقي، شاهنواز جدون، علي ?بائل_کیسینو_گیمز/105712.html">?زي??، شهزاد قريشي، پارٽي ميمبرن ڊاڪٽر سيما ضياءَ، عدنان اسماعيل، محسن گهمڻ، ملڪ عارف عدنان، راجيش ڪمار، رميش ڪمار ۽ امين محمد شامل هئا. ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ امر بالمعروف جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ وزيراعظم جي قي??دت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي ملڪي ۽ عالمي سطح تي پاڪستان جي ترقي جي لاءِ کنيل قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن کي پنهنجي تڪن ۾ پارٽي کي منظم ڪرڻ ۽ چونڊيل نمائندن کي عوامي فلاحي منصوبن تي اڳڀرائي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.