اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي ڪانگو ۾ هيلي ڪاپٽر حادثي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان ج??ري بيان موجب صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي هيلي ڪاٽر ڪريش ۾ شهيد ٿيندڙن لاءِ بلند د??جن جي دعا ڪئي. صدر گڏيل قومن جي امن مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙن کي خراج عقيدت پيش ڪيو، صدر ليفٽينٽ ڪرنل آصف علي اعواڻ، ميج?? فيضان علي، ميجر محمد سعد نعماني لاءِ مغفرت جي دعا ڪئي، صدر نائب صوبيدار سميع الله، حوالدار محمد اسماعيل، لانس حوالدار محمد جميل خان جي بلند د??جن لاءِ به دعا ڪئي، صدر شهيدن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.