اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب ڪيترن ئ?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هم آهنگي رکن ٿا، ٻن??ي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسع البنياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضر??رت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪس??ان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد احمد المالڪي سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪس??ان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ گڏيل مذهب، گڏيل قدرن ۽ ثقافت تي ٻڌل پراڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو. صدر چيو ته سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو جنهن سدائين مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جو ساٿ ڏنو آهي، هن وڌيڪ چيو ته ٻئي ملڪ ڪيترن ئ?? علائقائي ۽ عالمي معاملن تي هڪجهڙو موقف رکن ٿا، هن ٻن??ي ڀائر ملڪن جي گڏيل مفاد لاءِ سعودي عرب سان مختلف شعبن ۾ اسٽريٽجڪ ۽ وسيع النبياد حصيداري کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو، واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ ٻن??ي ملڪن جي واپارين ۽ چيمبرز آف ڪامرس کي گڏيل واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ لاءِ باقاعدگي سان ڳالهيون ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر چيو ته سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ پاڪستاني ٻن??ي ڀائر ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، ان موقعي تي صدر خادم حرمين شريفين لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام به ڏنو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس بهتر صحت ۽ وڏي عمر لاءِ دعاڳو آهي.