اسلام آباد – 19 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان 2018ع ۽ 2021ع جي ايڪشن پلانز کي ڪاميابي سان مڪمل ڪيو آهي، پاڪستان جي ٽيم کي سخت محنت ۽ ڪو??شن تي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جن جي ڪو??شن سان پاڪستان فيٽف جي ٻنهي ايڪشن پلانز جي ٽيڪنيڪل ضرورتن کي ڪاميابي سان پورو ڪيو. پاڪستان پاران فيٽف جي ايڪشن پلانز جي ڪامياب پڄاڻي تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته گڏيل قومي ڪو??شن ۽ سمورن حصيدارن جي گڏيل ڪو??شن سان اسان اها ڪاميابي حاصل ڪري سگهياسين، ان سان پاڪستاني معيشت تي اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي، فيٽف جي ٽيڪنيڪ?? ٽيم جو پاڪستان جو دورو خوش آئنده ڳالهه آهي جنهن سان اي ??يم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان پاڪستان جي قدمن ۽ ڪاميابين جي عڪاسي ٿئي ٿي. آچر ڏينهن پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان حڪومت قومي معيشت جي استحڪام جي عظيم تزويراتي مقصد تحت ماليات جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته ??ئو?? پراميد آهيان ته فيٽف پاران ان سٺي خبر تي پاڪستاني معيشت ۾ اعتماد بحال ٿيندو ۽ پائيدار ترقي ۾ مدد ملندي. هن ان عزم کي ورجايو ته پاڪستان حڪومت عالمي معيارن موجب اي ??يم ايل/ سي ايف ٽي جي حوالي سان اعليٰ سطحي قدم جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي. سندس چوڻ هو ته اسان فيٽف جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون ۽ اميد آهي ته پاڪستان ڪاميابي سان جلد کان جلد گري لسٽ مان نڪري ويندو.