اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خصوصي حيثيت کي ختم ڪرڻ غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدم جي م??مت ۽ ڀارتي فوجي گهيراءُ جا ٽي سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي 5 آگسٽ تي استحصال ڏهاڙو ملهائيندو. حڪومت استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ سيمينارز ۽ ڪانفرنسز سميت ڪيترن ئي پروگرامن جو اهتمام ڪيو آهي جڏهن ته ڪشميري?? جي حمايت ۾ سڄي ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون وينديون جنهن ۾ هر مڪتبه فڪر جا ماڻهو ڀرپور طريقي سان شرڪت ڪندا. پوري قوم پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏيندي چيو ته پاڪستاني عوام انه?? جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فوج جي ظلم?? جي خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. لائين آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ آباد ڪشميري به 5 آگ??ٽ 2019ع جي ڀارت جي غيرآئيني قدم?? جي م??مت جي لاءِ استحصال ڏهاڙو ملهائيندا. ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين جا ڪارڪن ريلين ۽ ٻين سرگرمين ذريعي والاريل ڪشمير جي معصوم ماڻه?? جي خلاف ڀارتي رياستي دهشتگردي جي خلاف ڀرپور احتجاج رڪارڊ ڪرائيندا. سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ بين پروگرامن جو پڻ اهتمام ڪنديون. استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي سڄي ملڪ ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي ويندي، ٽريفڪ کي هڪ منٽ جي لاءِ روڪيو ويندو ۽ سائرن وڄايا ويندا. هڪ منٽ جي خاموشي جي فوري پوءِ ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن سميت اليڪٽرانڪ ميڊيا چينلز تي پاڪستان ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جا قومي ترانا وڄايا ويندا. ٻئي طرف اسلام آباد ۽ صوبائي گادي وارن شهر?? جي اهم رستن تي ڪشميري?? جي خراب حالت کي اجاگر ڪرڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ قابض فوج پاران ڪيل ظلمن کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پوس??رز ۽ بل بورڊز هنيا ويا آهن. 5 آگ??ٽ 2019ع جي مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت ڀارتي آئي?? جي آرٽيڪل 370 ۽ اي 35 کي ختم ڪري ڇڏيو هو، ان قانون تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.