پشاور – 04 – آگسٽ (اي پي پي) خيبرپختونخواهه جي وقتي گورنر مشتاق احمد غني ڪشمير ??ستحصال ڏه??ڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اسان هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين، والاريل ڪشمير ۾ صدين کان جاري ڀارتي ظلمن جي ڪري ڪشميري عوام تي هر لمحو ڀاري آهي پر 5 آگسٽ 2019ع تي مودي حڪومت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ??ي قانوني حيثيت کي تبديل ڪري نه رڳو والاريل ڪشمير ??و بي رحماڻو استحصال ڪيو پر مظلوم ڪشميري عوام تي ظلم ۽ ڏاڍ جي هڪ نئين دور جي شروعات ڪئي. اڄ خيبرپختونخواهه سميت سڄي ملڪ جي عوام 5 آگسٽ تي ڪشمير ??ستحصال ڏه??ڙو ملهائي دنيا کي باور ڪرائي رهي آهي ته پاڪستاني قوم سدائين وانگر مظلوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ هر محاذ تي ڪشميري عوام جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندي. مشتاق احمد غني جو چوڻ هو ته اڄ جي ڏينهن ??المي برادري کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته 5 آگسٽ تي ڀارتي حڪومت جو والاريل ڪشمير ??ي خصوصي آئيني حيثيت تبديل ڪرڻ، بدترين ڪرفيو ۽ ڀارتي فوج جو گهيراءُ ڀارت جي مڪروهه ارادن کي ظاهر ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جيڪو خطي جي امن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، عالمي برادري کي ڏسڻ گهرجي ته ڪهڙي طرح ڀارت والاريل ڪشمير ??ابت گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي ۽ ڪشميري عوام تي هر گذرندڙ ڏينهن ??ان ظلمن ۾ اضافو ڪندو پيو وڃي جيڪو عالمي انساني حقن ج?? ادارن جي لاءِ هڪ سخت امتحان ۽ فڪر جو لمحو ب?? آهي.