گلگت – 05 – آگسٽ (اي پ?? پي) پيپلزپارٽي گلگت بلتستان جي صوبائي صدر امجد حسين ايڊووڪيٽ 5 آگسٽ 2019ع تي ??شمير تي ??ارتي غيرقانوني قدمن جا 3 سال مڪمل ٿيڻ تي پ??هنجي پ??غام ۾ چيو آهي ته اسان ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڪشمير ۾ غيرقانوني قبضي کي برقرار رکڻ جي لاءِ هر ق??م جي حربا ۽ ظلم ۽ جارحيت آڏو ڪشميرين بي شمار قربانيون ڏنيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت جي 5 آگسٽ 2019ع جي قدمن تي ??ڏيل ??وم?? جي خاموشي سواليه نشان آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران غيرقانوني قدمن جو مقصد والاريل واديءَ ۾ غيررياستي رهواسين کي آباد ڪري ڪشميرين جي اڪثريت کي اقليت ۾ بدلائڻ آهي جيڪو مذمت جوڳو آهي ڪشمير تڪرار جو حل گڏيل ??وم?? جي سلامتي ??ائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي خواهشن موجب منصفاڻو حل ڪڍڻو پوندو.