ڪراچي – 05 – آگسٽ (اي پي پي) سنڌ جي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو آهي ته ڀارت جي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام آزادي جي اظهار ۽ ٻين بنيادي حقن کان محروم آهي، ڀارت پنهنجي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل بڻائي ??ڏيو آهي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي جاري بيان ۾ هن چيو ته 9 لک ڀارتي فوج پاران ڀارتي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري گهيراءُ کي بنا ڪنهن دير جي ختم ڪيو وڃي، ڀارت جي 370 ۽ 35 اي ۾ تبديلي گڏيل قومن جي قراردادن جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته ڀارتي قدم خطي جي امن ۽ استحڪام کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گڏيل قومون ڀارت جي قبضي ??يٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني ??ق بح??ل ڪرائي. سنڌ جي وقتي گورنر چيو ته ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي تحريڪ کي دٻائڻ مودي حڪومت جي وس جي ڳالهه نه آهي، جيستائين ڪشميرين کي آزادي نه ٿي ملي وڃي هڪ به پاڪستاني سک سان نه ويهندو. آغا سراج دراني چيو ته ياسين ملڪ ۽ مير واعظ عمر فاروق سميت سڀني حريت پسندن کي فوري آزاد ڪيو وڃي. هن چيو ته پاڪستان مظلوم ڪشميرين جي خودمختياري جي حق جي جدوجهد جي هر ممڪن اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو.