اسلام آباد – 17 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف صارف جي اپيل منظور ڪندي نيشنل ??ئن?? آف پاڪستان کي ??ئن?? ??را?? ڪيس ?? بدانتظامي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته ??ئن?? پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، ??ئن??نگ قانونن موجب ??ار??واين کي مڪمل ڪرڻ شهرين جي نه پر مئنيجر جي ذميواري آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف ايبٽ آباد جي رهائشي عاشق حسين جي اپيل منظور ڪندي چيو ته دوکي سان هڙپ ڪيل رقم صارف کي منافعي سان گڏ واپس ڪئي وڃي. هن چيو ته نيشنل ??ئن?? جي سينيئر انتظاميا ??ئن?? برانچ ۾ ايماندار ??ئن?? عملدار مقرر ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي. هڪ سادي ۽ اڻپڙهيل صارف کان برانچ مئنيجر 10 لک رپين جي رقم ??را?? ذريعي هڙپ ڪئي هئي. محتسب پنهنجي فيصلي ۾ شهري کي رقم جمع ڪرائيندي ڪوتاهي جو ذميوار قرار ڏنو هو، محتسب رقم ڪيشيئر بدران مئنيجر کي جمع ڪرائڻ، رسيدن تي صحيحن جي حوالي سان ضابطيڪار جي خلاف ورزي تي شهري کي ريليف فراهم نه ڪيو. صدر چيو ته ??ئن??نگ قانونن موجب ??ار??واين کي مڪمل ڪرڻ مئنيجر جي ذميواري اهي نه وري اها شهرين جي ذميواري آهي، ??ئن?? پنهنجي کاتيدارن جي محنت سان ڪمايل رقم جي نگهبان ۽ امانتدار آهي، ??ئن?? ۾ ديانتدار عهديدارن جي مقرري ۾ ناڪامي صارفين جي اعتماد کي ٺيس پهچايو آهي. صدر چيو ته فرض جي عدم ادائيگي سان بنا ڪنهن شڪ جي ??ئن?? جي ساک کي نقصان پهتو، عملدار پاران ??ئن?? برانچ جي اندر دوکيبازي جا ناقابل ترديد ثبوت موجود آهن. هن چيو ته ??ئن?? ان رقم جي معاملي ۾ ذميواري کان آجي نه ٿي ٿي سگهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هدايت ڪئي ته نيشنل ??ئن?? حڪمن تي عملدرآمد ڪري ۽ 60 ڏينهن جي اندر وفاقي محتسب کي رپورٽ جمع ڪرائي.