اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت ۽ عوام کي بجلي فراهمي ۾ ريليف ڏيڻ جي لاءِ مهانگي درآمدي تيل بدران ??ج جي روشني سان ??جلي پيدا ڪرڻ جي فيصلي تي عملدرآمد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران ??ار?? بيان موجب وزيراعظم عوام کي بجلي جي معاملي تي ريليف ڏيڻ جو وڏو فيصلو ڪيو آهي. وزيراعظم ٻاهرئين ملڪ مان مهانگو تيل گهرائي بجلي ٺاهڻ بدران ??ج جي روشني مان ??جلي پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي قيمتي پرڏيهي ناڻي جي بچت جي لاءِ وڏو ۽ بنيادي قدم کنيو آهي، جنهن سان پاڪستان ??ربين ڊالرن جي بچت ڪري سگهندو. منصوبي تحت مهانگي درآمدي ٻارڻ (ڊيزل ۽ فرنس آئل) جي جڳهه تي سولر پاور مان 10 هزار ميگاواٽ بجلي پيدا ??يندي، پهرين مرحلي ۾ سرڪاري عمارتن، بجلي ۽ ڊيزل سان هلندڙ ٽيوب ويلز ۽ گهٽ يونٽس استعمال ڪندڙ گهريلو صارفين کي سج جي روشني سان پيدا ??يندڙ بجلي ڏني ويندي. وزيراعظم سولر پاور پلانٽ جي جلد تعمير جي به هدايت ڪئي آهي. گرمين جي ايندڙ موسم شروع ٿيڻ تائين عوام کي بجلي جي فراهمي ۾ خاطرخواهه ريليف فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي منصوبي تي هنگامي بنيادن تي ڪم شروع ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ايندڙ هفتي سڀني لاڳاپيل ماڻهن جي واڪ کان ??ڳ پري بڊ ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي.