ڪراچي – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي اردو ??ون??ورسٽي، هايئر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) ۽ تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وفاقي وزارت تي زور ڏنو آهي ته آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ??اب?? وفاقي اردو ??ون??ورسٽي (ايف يو يو اي ايس ٽي) ڪراچي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي عمل کي تيز ڪيو وڃي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪراچي ۾ وفاقي اردو ??ون??ورسٽي جي سينيٽ جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ??ون??ورسٽي جي سينيٽ ميمبرن، وفاقي تعليم واري وزارت جي نمائندي ۽ ايڇ اي سي جي چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي آرٽس، سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ??اب?? وفاقي اردو ??ون??ورسٽي جي سينيٽ تي زور ڏنو ته اها ??رق??ن، پگهارن جي عدم ادائيگي، وائيس چانسلر جي مقرري ۽ ??ون??ورسٽي جي ايندڙ سينيٽ جي لاءِ نامزدگي ڪميٽي جي جوڙجڪ ??اب?? معاملن تي سينيٽ جي هر ميمبر ۽ لاڳاپيل ڌرين جي راءِ ۽ تجويزن کي نظر ۾ رکندي اتفاق راءِ تي ٻڌل فيصلا ڪري. اجلاس ۾ ڊاڪٽر محمد ضياءَ الدين کي ??ون??ورسٽي جو وقتي وائيس چانسلر پڻ مقرر ڪيو ويو جيڪو مستقل وائيس چانسلر جي مقرري تائين پنهنجا فرض سرانجام ڏيندو رهندو. وقتي وائيس چانسلر پاليسي سان لاڳاپيل معاملن کي قانوني ڇنڊڇاڻ جي لاءِ هايئر ايجوڪيشن ڪميشن ڏانهن موڪليندو. اجلاس ۾ ايڇ اي سي جي چيئرمين ڊاڪٽر مختار احمد کي ??ون??ورسٽي جي مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي لاءِ جوڙيل سرچ ڪميٽي جو چيئرپرسن مقرر ڪيو ويو. ڪميٽي کي مشورو ڏنو ويو ته اها مستقل وائيس چانسلر جي مقرري جي سفارش ڪرڻ جي لاءِ ٽائيم لائين جي بنياد تي اڳي وڌي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته چئن مهينن کانپوءِ فيصلن جو جائزو ورتو ويندو.