اسلام آباد -29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز ايون فيلڊ ريفرنس ۾ بري ٿيڻ تي الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪندي چي?? ته اڄ نواز شريف پڻ سرخرو ٿيو آهي. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي مريم نواز چي?? ته 6 سالن تائين هن ڪيس ۾ ڪوڙ ڳالهايو ويو اڄ الله تعاليٰ عزت سان سرخرو ڪيو، عمران خان کي جواب ڏيڻو پوند?? ته هن ڪوڙ ڇو ڳالهايو ۽ الزام ڇو لڳايا، جنهن شخص ڪوڙ ڳالهايو اڄ ان جو چهرو ڏسڻ چاهيان ٿي، اڄ الله تعاليٰ تو کي نا??ام ڪيو ڪوڙو ثابت ڪيو، تون نا??ام ٿئين ۽ نواز شريف کي الله تعاليٰ سرخرو ڪيو. جلد نواز شريف پڻ واپس ايندو، مريم نواز چي?? ته عمران خان هڪ بيوس شخص آهي ان ڪيس جو بينيفشري ڪير آهي، سڀ خبر هئي، هو بيساڪين تي هڪ ڪيس ذريعي آيو، آمريڪي خط بابت آڊيو ليڪ جي سوال تي مريم نواز جو چوڻ هو ته و??يراعظم جي ڪمري ۾ ويهي ٻن شيطاني دماغن ڪوڙ گهڙيو ان معاملي تي اعليٰ سطح جي جاچ ٿيڻ گهرجي، عمران خان، اعظم خان، شاهه محمود قريشي ۽ اسد مجيد کي گهرائي انهن کان پڇڻ گهرجي ته هنن ڪهڙي طرح ملڪ سان هڪ مڪروه راند کيڏي، جيڪڏهن جاچ نٿا ڪري سگه?? ته پوءِ اسان کي اکيون بن?? ڪري ڪمبل مٿان اوڍي گهر ۾ سمهي رهڻ گهرجي، هن چي?? ته هي شخص مذهب ڪارڊ کيڏندو رهيو پر ڪنهن به ان جي باري ۾ ڪجهه نه چيو، حڪومت سميت سمورا ادارا تماشو ڏسندا رهيا.