لاهور – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نگران حڪومت ملڪ جي معاشي اس??حڪام ۽ ترقي جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهي آهي، ڪا به قوم تعليم جي زيور مان فائدو کڻڻ کانسواءِ ترقي جي منزل طئي نه ٿي ڪري سگهي، تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، نوجوان ملڪ جو قيمتي اثاثو آهن، حڪومت ملڪي ترقي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهي آهي، آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏئي وڏو پرڏيهي ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو، سي پيڪ منصوبي ??ان پاڪستان ترقي جي منزل طئي ڪئي آهي، زرعي شعبو ملڪي معيشت ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ان شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي ۽ ريسرچ کي اختيار ڪري ملڪ کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اي??ڊ ڪلچر جي پهرين ڪانووڪيشن کي خاص مهمان جي حيثيت ??ان خطاب ۾ ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هن تقريب ۾ شرڪت منهنجي لاءِ اعزاز آهي. تعليم هڪ اهڙو هٿيار آهي جنهن کي اس??عمال ۾ آڻي ملڪ جي تقدير بدلائي سگهجي ٿو. تعليم حاصل ڪرڻ ??ان نه رڳو انفرادي پر اجتماعي طور تي معاشرتي تبديلي آڻي سگهجي ٿي. معاشري ۾ برابري، انصاف جي فروغ ۽ تعليم جي شعبي جي بهتري لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو. حڪومت هڪ جهڙي تعليم جي فراهمي جي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستاني شاگردن سڄي دنيا ۾ پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو آهي ۽ پنهنجي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. هن ڊگري حاصل ڪندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته نوجوان پاڪستان جو مستقبل آهن. پنهنجي معاشري جي بهتري جي حوالي ??ان انهن تي وڏي ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. تعليم يافته نوجواننک ي خاص طور تي هن معاشري جي محروم ماڻهن جو خاص طور تي خيال رکن ۽ پنهنجي صلاحيتن کي انهن جي زندگين کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ اس??عمال ۾ آڻين. تعليم يافته ماڻهن جي منفرد ذميواري آهي ته اهي معاشري جي بهتري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. خوش قسمتي ??ان پاڪستان ۾ نوجوانن جو انگ به وڌيڪ آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انهن نوجوانن جي صلاحيتن کي اس??عمال ۾ آڻي سگهجي. ان حوالي سان اس??ادن جو ڪردار تمام اهم آهي. آئون انسٽيٽيوٽ فار آرٽ اي??ڊ ڪلچر جي اس??ادن کي پڻ مبارڪباد ڏيان ٿو جن انهن شاگردن جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. تعليمي ميدان ۾ آءِ اي سي جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، مون کي اميد آهي ته اداري جا فارغ ٿيندڙ شاگرد ملڪي ترقي جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندا. نگران وزيراعظم چيو ته شاگردن کي اعليٰ ۽ فني تعليم ??ان ليس ڪري ملڪ جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. تعليم جي ذريعي ئي اس??ن پنهنجي معاشري ۾ تحمل ۽ افهام تفهيم جي فضا پيدا ڪري سگهون ٿا ۽ برابري ۽ انصاف جهڙن اصولن جي پاسداري ڪري سگهون ٿا. اس??ن کي دنيا ??ان گڏ هلڻ جي لاءِ هر شعبي ۾ جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻو پوندو نه ته اس??ن دنيا کان تمام گهڻو پٺتي رهجي وينداسين. آءِ ٽي سيڪٽر کي فروغ ڏئي نه رڳو مقامي طور تي روينيو پيدا ڪري سگهجي ٿو پر وڏو پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائي سگهجي ٿو. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته زراعت جو شعبو ملڪي ترقي ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. اس??ن کي پنهنجي زراعت کي روايتي طريقي کان هٽي ڪري ان شعبي ۾ جديديت ۽ ريسرچ کي اختيار ڪرڻو پوندو. جديد ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪري اس??ن زرعي پيداوار ۾ وڌيڪ اضافو ڪري آمدني واپار ۾ گهٽتائي آڻي سگهون ٿا. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان وسيع صلاحيتون رکندڙ ملڪ آهي جيڪو وسيلن ??ان مالامال آهي. هتي سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. اس??ن وٽ وسيلن جي ڪا کوٽ نه آهي. ضرورت ان ڳالهه جي اهي ته انهن وسيلن کي صحيح انداز ۾ اس??عمال ۾ آندو وڃي. الله تعاليٰ پاڪستان کي منفرد جاگرافيائي بيهڪ ?? مختلف موسمن ??ان نوازيو آهي. هتي هر قسم جون زرعي جنسون پيدا ڪري روينيو ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو. آبادگارن کي رهنمائي فراهم ڪري انهن کي خوشحال بڻائي سگهجي ٿو. زرعي جنسن جي اضافي جي لاءِ هائبرڊ ٽيڪنالاجي کي اختيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان ۾ انفراسٽرڪچر ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. اس??ن آءِ ٽي جي شعبي کي فروغ ڏئي نه رڳو آءِ ٽي گريجوئيٽس ۾ اضافو ڪري سگهون ٿا پر ان ??ان پرڏيهي ناڻو پڻ ڪمائي سگهجي ٿو. اس??ن وٽ دنيا جا بهترين آءِ ٽي پروفيشنلز موجود آهن. نگران وزيراعظم چيو ته سي پيڪ گيم چينجر منصوبو آهي. چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ذريعي پاڪستان ترقي جي منزل طئي ڪئي آهي. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اي??ڊ ڪلچر جي وائيس چانسلر محمد فيصل جنجوعه ڪانووڪيشن ۾ شرڪت تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جا ٿورا مڃيا. هن ڪامياب ٿيندڙ شاگردن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته اس??ن شاگردن کي نه رڳو ڊگري مها ڪريون ٿا پر انهن کي عملي زندگي ۾ درپيش چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ رهنمائي پڻ فراهم ڪريون ٿا. آئون انهن سمورن اس??ادن کي به مبارڪباد ڏيان ٿو جن شاگردن جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. ان کان اڳ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مختلف شعبن ۾ ڪامياب شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ڊگريون ۽ ميڊلز ورهايا.