اسلام آباد-05 فيبروري (اي پي پي) انساني حقن ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ وزيراعظم جي خاص مددگار مشعال ملڪ چيو آهي ته ڪشميري ڪڏهن ??ه ڀارتي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪندا ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ??ان گڏوگڏ معصوم ڪشميرين جو آزاديءَ وارو جذبو وڌي رهيو آهي. يومِ يڪجهتي ڪ??مير جي موقعي تي هڪ نجي ٽي وي چينل سان خصوصي انٽرويو ۾ هن ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جي اظهار لاءِ 5 فيبروريءَ جي اهميت تي زور ڀريو. هن ??المي برادريءَ تي زور ڀريو ته هو ڪشمير تڪرار جي حل لاءِ ڀارت تي دٻاءُ وِجهن. هن چيو ته فوجي طاقت ذريعي ڪ??ميرين جي آواز کي ڪچلڻ لاءِ هر وحشياڻو طريقو استعمال ڪرڻ باوجود ڀارت ڪشميرين کي ??تح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ انهن ??ي آزاديءَ وارو جذبو گذرندڙ ڏينهن ??ان گڏ زور وٺي رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي پوري سياسي، مذهبي ۽ عسڪري قيادت ڪشمير مسئلي تي متحد آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪشمير ۽ پاڪستان جي عوام وچ ۾ اهڙو مضبوط رشتو آهي جو ڪوبه ڪشمير ڪاز سان غداري جو سوچي به نٿو سگهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان جي نئين حڪومت کي ڪ??مير مسئلي جو سڀ کان وڏو چئلينج سامهون هوندو ۽ فوري ايڪشن وٺڻو پوندو. هن چيو ته نگران حڪومت خصوصي ڪ??ميري ڪميٽين سان گڏجي ڊگهي مُدي جي حڪمت عملي بڻائي رهي آهي. حڪومت ڪشمير ڪاز کي اجاگر ڪيو آهي ۽ آئينده حڪومت به تحريڪ آزاديءَ کي ترجيح ڏي. هن ??هو به مطالبو ڪيو ته گڏيل قومن جي اداري ۽ انساني حقن جي ٻين تنظيمن کي ڪ??مير مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير جا ماڻهو غير قانوني ڀارتي ۽ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوجي حملن سبب انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين جو شڪار آهن.